واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) ۽ علائقائي ڀائيوارن قطر جي العديد ايئربيس ۾ هڪ نئون ڪوآرڊينيشن سيل قائم ڪيو آهي، جنهن جو مقصد فضائي ۽ ميزائل دفاع کي مضبوط بڻائڻ آهي.
نئون مڊل ايسٽ ايئر ڊفينس – ڪمبائنڊ ڊفينس آپريشنز سيل (MEAD-CDOC) ڪمبائينڊ ايئر آپريشنز سينٽر (CAOC) ۾ آهي ۽ ان ۾ آمريڪا ۽ علائقائي ڀائيوارن جا اهلڪار شامل آهن.
سينٽ ڪام جي بيان ۾ چيو ويو ته قطر ۾ قائم ڪمبائينڊ ايئر آپريشنز سينٽر 20 سال اڳ قائم ڪيو ويو هو ۽ هن وقت اهو 17 ملڪن جي نمائندن تي ٻڌل آهي.
ان سينٽر اندر ٺهندڙ نئون سيل علائقائي ملڪن وچ ۾ فضائي ۽ ميزائل دفاع لاءِ سهڪار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
اهو سيل ڄاڻ جي ڏي وٺ ۽ خطرن بابت وارننگز جاري ڪرڻ جي ذميواري به ادا ڪندو.
You might also like