تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي بچاءَ واري وزير عزيز نصيرزادا چيو آهي ته ڪنهن به جارحيت ڪئي ته اسان جو جواب غير امڪاني ۽ حيران ڪندڙ هوندو، جارحيت جو اهڙو جواب ڏينداسين جو دشمن دنگ رهجي ويندو.
پنهنجي بيان ۾ ايران جي بچاءَ واري وزير چيو ته قومي سلامتي تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي، اسان جي دفاعي حڪمت عملي مڪمل طور تيار آهي، پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي اپ گريڊ ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته دشمن کي ان جي سوچ کان به وڌيڪ جواب ڏنو ويندو، دشمن کي اهڙو سرپرائز ڏينداسين جو ان جا هوش ٺڪاڻي اچي ويندا.
دشمن کي اهڙو سرپرائز ڏينداسين جو ان جا هوش ٺڪاڻي اچي ويندا: ايراني بچاءَ وارو وزير
You might also like