والدين جي سار سنڀال نه ڪرڻ تي پگهار مان ڪٽوتي ٿيندي! حڪومت جو اهم فيصلو

پيرسن والدين پنهنجي حياتيءَ جا آخري ڏينهن ٻارن سان گڏ گذارڻ جا خواب ڏسندا آهن پر ڪي ڪي والدين ٻارن جي لاپرواهي جو شڪار ٿي ويندا آهن.
اهڙن پيرسن شهرين جي تحفظ لاءِ ڀارتي رياست تلنگانا جي حڪومت اهم قانون سازي جو فيصلو ڪيو آهي.
تلنگانا جي چيف منسٽر ريونت ريڊي اعلان ڪيو آهي ته حڪومت اهڙن سرڪاري ملازمن خلاف قانون متعارف ڪرائيندي، جيڪي پنهنجي والدين جي سار سنڀال نٿا ڪن، انهن جي پگهار مان 10 کان 15 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي ويندي ۽ اها رقم والدين جي اڪائونٽن ۾ منتقل ڪئي ويندي.
هن چيو اهو هڪ انساني قدم آهي ته جيئن اسان جا بزرگ عزت ۽ وقار سان زندگي گذاري سگهن.
تلنگانا جي حڪومت بزرگ شهرين لاءِ ڊي ڪيئر سينٽر به قائم ڪري رهي آهي، جتي انهن جي شڪايتن کي سنجيدگي سان ٻڌو ويندو ۽ ضرورت پوڻ تي ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.