ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ خوشخبري ڏيندي چيو آهي ته سنڌ سيڪريٽريٽ، وزيراعليٰ ۽ گورنر هائوس جي ملازمن لاءِ هيلٿ انشورنس تجويز جي منظوري ڏني وئي.
پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، جن ۾ تعليم، ثقافت، سيڪيورٽي، انفرا اسٽرڪچر ۽ فلاحي منصوبا شامل آهن.
هن ٻڌايو ته اين اي ڊي يونيورسٽي جي عمارت ٺاهڻ ۽ حيدرآباد ۾ هڪ چرچ جي بحالي جي منظوري ڏني وئي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ سيڪريٽريٽ، وزيراعليٰ ۽ گورنر هائوس جي ملازمن لاءِ هيلٿ انشورنس جي تجويز جي به منظوري ڏني وئي آهي.
شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته سنڌ آرڪائيو لاءِ 100 ميلن رپين جي منظوري ڏني وئي، سنڌ آرڪائيو ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ ورثن کي محفوظ رکي سگهبو.
ان کانسواءِ سجاول ۽ شڪارپور ۾ روڊن جي تعمير جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته سنڌ ڪابينا فلڊ ايمرجنسي لاءِ 6.1 ارب رپيا به منظور ڪيا.
هن چيو ته حيدرآباد – سکر موٽر وي جي تعمير لاءِ زمين جي خريداري جي مد ۾ هڪ ارب 13 ڪروڙ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
You might also like