تيل اگهن ۾ وڏي لاٿ ٿي وئي

عالمي سطح تي پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي لاٿ ڏسڻ ۾ آئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي في بيرل قيمت ۾ ٻه ڊالر 74 سينٽ لاٿ ٿي، جنهن کانپوءِ قيمت 66.54 ڊالر في بيرل تي اچي وئي.
پيٽرول پريميئر ۾ به 13 سينٽ في بيرل لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 5 ڊالر هڪ سينٽ ٿي وئي.
اهڙي ريت پيٽرول تي في ليٽر ڪسٽم ڊيوٽي ۾ 72 پيسا لاٿ ٿي، جڏهن ته ايڪس ريفائنري قيمت ۾ 6 رپيا 51 پيسا في ليٽر لاٿ رڪارڊ ٿي آهي.
هوڏانهن ڊيزل جي قيمت ۾ به لاٿ ٿي آهي، ڊيزل في بيرل 2 ڊالر 33 سينٽ سستو ٿي 73.99 ڊالر في بيرل تي اچي ويو.
ڊيزل تي في بيرل ڪسٽم ڊيوٽي ۾ 80 پيسا ۽ ايڪسچينج ايڊجسٽمينٽ ۾ 35 پيسا في ليٽر لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي.
ڊيزل جي ايڪس ريفائنري قيمت ۾ مجموعي طور تي 5 رپيا 33 پيسا في ليٽر لاٿ کانپوءِ نئين قيمت 149 رپيا 99 پيسا في ليٽر ٿي وئي.
عالمي سطح تي پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ لاٿ کانپوءِ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته پاڪستان ۾ به تيل اگهه گهٽ ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.