ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ڀرپور قوت سان جاري رهڻ گهرجي.
مراد علي شاهه سان نئين آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي ملاقات ڪئي، وڏي وزير سنڌ پوليس جي ڪمان سنڀالڻ تي آءِ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته سنڌ پوليس جو عوام دوست تاثر بحال ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن، سيف سٽي پراجيڪٽ کي اثرائتو بڻائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي، سنڌ حڪومت پوليس جي بهتري لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي.
گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار سان به آءِ جي سنڌ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڏوهن جي خاتمي خلاف حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.
سنڌ پوليس جو عوام دوست تاثر بحال ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن: وڏي وزير جي نئين آءِ جي کي هدايت
Prev Post
You might also like