اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هائوس هولڊنگ اڪنامڪ سروي موجب ملڪ ۾ خواندگيءَ جي شرح وڌي 63 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.
ڳڻپ کاتي موجب گذريل پنجن سالن دوران خواندگيءَ جي شرح ۾ رڳو 3 سيڪڙو واڌ ٿي سگهي آهي، پنجاب ۾ خواندگيءَ جي شرح 68 سيڪڙو، جڏهن ته بلوچستان ۾ سڀ کان گهٽ 49 سيڪڙو رهي.
سروي رپورٽ موجب اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ اها 30 سيڪڙو کان گهٽجي 28 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.
ڳڻپ کاتي موجب انٽرنيٽ تائين پهچ وڌي 34 سيڪڙو مان 70 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ماڻهن جي شرح 17 سيڪڙو مان وڌي 57 سيڪڙو ٿي وئي آهي.
رپورٽ موجب مڪمل حفاظتي ٽيڪن جي ڪوريج 68 سيڪڙو مان وڌي 73 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته گهرن ۾ موبائل يا سمارٽ فون جي سهولت 96 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.
Next Post
You might also like