سخت ترين زخم هڪ سيڪنڊ ۾ ٺيڪ، سائنسدانن ڪمال ڪري ڇڏيو!

سيئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا جي ايڊوانسڊ انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي محققن هڪ اهڙو طبي پائوڊر تيار ڪيو آهي، جيڪو زخم تي سڌي ريت هڻڻ سان رڳو هڪ سيڪنڊ جي اندر مضبوط حفاظتي رت روڪڻ واري تهه ۾ تبديل ٿي ويندو آهي.
ان نئين پائوڊر جو نالو AGCL Powder آهي، جيڪو بنيادي طور تي هڪ نئين قسم جو هيمرسٽڪ ايجنٽ آهي، جيڪو وهندڙ رت کي روڪيندڙ مادو آهي.
اهو سڌي ريت زخم تي هڻن سان فوري طور هڪ مضبوط هائيڊروجل تهه ۾ تبديل ٿي ويندو آهي، جنهن سان رت جو وهڻ فوري طور تي بند ٿي ويندو آهي، پائوڊر ۾ شامل جزا رت ۾ موجود ڪيلشيم آئنز سان گڏجي تيز رفتار ڪيميائي ردعمل ڏيندا آهن.
نتيجي ۾ پائوڊر سيڪنڊن ۾ هائيڊروجل ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ مضبوط فزيڪل باريئر ٺاهيندو آهي، جيڪو زخم کي فوري طور سيل ڪري ڇڏيندو آهي.
اهو گهري زخم تي به لڳائي سگهجي ٿو، اهو اسپري قدرتي ۽ بائيو ڪيميپيٽيبل مواد سان تيار، محفوظ ۽ اينٽي بيڪٽيريل خاصيتون رکي ٿو.
اهو گرمي پد يا گهم جي سخت حالتن ۾ به ٻن سالن تائين اثرائتو رهي ٿو، جيڪو ان کي جنگي ميدان، آفت سٽيل علائقن ۽ ايمرجنسي ميڊيڪل سيٽنگز ۾ استعمال لاءِ ڪارائتو بڻائي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.