ڳڙهي خدا بخش (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مئي ۾ شڪست کي ڀارت اڃا تائين هضم ناهي ڪري سگهيو، هاڻ ته مودي اسان جي فيلڊ مارشل جو نالو ٻڌي لڪي ويندو آهي، شڪست کانپوءِ مودي ڪنهن به عالمي فورم تي نه پيو وڃي، جڏهن ته ماضي ۾ هو انهن پليٽ فارمز تي وڃي پاڪستان کي بدنام ڪندو هو.
ڳڙهي خدا بخش ۾ بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فوج ۽ قوم ڀارت کي جنگ جي ميدان ۾ شڪست ڏني، جنگ ۾ فتح سڄي پاڪستان جي ڪاميابي آهي، ان سان پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ مقبوليت ملي، جنگ ۾ ڪاميابي ڳڙهي خدا بخش جي قربانين بنا ممڪن نه هئي، ڇو ته پاڪستان انهن ئي قربانين سبب ايٽمي قوت بڻجيو.
هن چيو ته بينظير ڀٽو جي ڪري پاڪستان کي ميزائل ٽيڪنالاجي ملي، جنهن سان ملڪ جو دفاع ممڪن ٿيو، صدر زرداري چين کان اهي جهاز گهرايا، جن ڀارت جا جهاز ڪيرائي ڪاميابي حاصل ڪئي، پاڪ – چين دوستي جو بنياد قائد عوام رکيو، ان کي بينظير اڳتي وڌايو، زرداري سي پيڪ جو بنياد رکيو.
ڀٽو ملڪ کي ايٽمي قوت بڻايو ۽ ملڪ جو دفاع ممڪن ٿيو، اڄ مودي لِڪندو ٿو وتي: بلاول ڀٽو زرداري
You might also like