ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي جي موقعي تي پيغام ڏيندي چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو آئين، جمهوريت ۽ عوامي حقن لاءِ سڄي زندگي جدوجهد ڪئي۔ هن چيو ته شهيد راڻي مسلم دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي ۽ هن قيد و بند جون سختيون سهندي به عوام لاءِ جدوجهد جاري رکي۔. وڏي وزير موجب شهيد بينظير ڀٽو جي زندگي قربانين، حوصلي ۽ ياسي بصيرت جو مثال آهي، جنهن کي دنيا مڃي ٿي۔. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو عورتن کي بااختيار بڻايو، آمريت خلاف جدوجهد ڪئي ۽ سياسي انتقام بدران جمهوريت تي يقين رکيو۔. هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ناني ۽ ماءُ جي مشن تي هلي رهيو آهي ۽ شهيد راڻي جو خوشحال پاڪستان جو خواب ضرور پورو ٿيندو.