ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي پنهنجو منفرد مقام ٺاهي چڪو آهي، پاڪستان پنهنجي خود مختياري جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو.
ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي بهترين ادارو آهي، نوجوانن جي ڪردار سازي ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جو اهم ڪردار آهي، تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ اسان جي ترجيح آهي، نوجوان اسان جو مستقبل آهن.
هن چيو ته پاڪستان جي خدمت ڪرڻ اسان سڀني جي پهرين ترجيح آهي، ٽيلينٽ جي بهترين استعمال سان ئي ترقي ممڪن آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان جي هٿياربند فوج رات ڏينهن ملڪ جي حفاظت ڪري رهي آهي، پاڪ فوج ٻيهر ثابت ڪيو ته اسان جون سرحدون محفوظ آهن.
You might also like