سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ هڪ ئي آهن، سنڌ جي وحدت اهم آهي: اقبال ترين

حيدرآباد: اياز ميلي جي پڄاڻي تي“قومي سڃاڻپ جي نئين سر تعمير” جي عنوان ھيٺ ويھڪ ٿي. جنھن جو ماڊريٽر شاھ زمان ڀنگر ھو. ان موقعي تي جساف جي پھرين مرڪزي صدر اقبال ترين چيو ته سنڌ جو ماڻھو جاگيرداراڻي نظام جو حصو آھي، ھن چيو ته ورھاڱي کان اڳ به مير پير سردار وڏيرا ھئا، جن وٽ ھاري ناري غلام بڻيل ھئا. جڏھن ته شھرن ۾ عامل ھئا، ھن وٽ صنعتون وڏا وڏا ڪاروبار ھئا، جن شڪارپور ۽ حيدرآباد کي پئرس جھڙو شھر بڻايو، جيڪي ورھاڱي بعد ھندستان ھليا ويا ۽ اتان کان ھتي اسان جا مسلمان ڀائر آيا، اسان پنهنجي شھرن جو حال تباھ ڪري ڇڏيو. ھن چيو ته سنڌي مسلمانن کي اھو خواب ڏيکاريو ويو ھو ته جڏھن سنڌ جا سنڌي ھندو ھتان ھليا ويندا ته ھتي انھن لاء ماکي جون نديون وھنديون ۽ انھن جا ڪاروبار انھن کي ملندا پر سڀ ڪجھ ان جي ابتڙ ٿيو ۽ ھندستان کان آيل ماڻھن کي سنڌي ھندن جون ملڪيتون، ڪاروبار شھر ڏنا ويا. ھن چيو ته سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ ھڪ ئي آھن پر اسان جي ڀائرن کي اھو سوچڻو پوندو ته اسان جي لاءِ سنڌ جي وحدت اھم آھي ۽ ڪراچي سنڌ آھي. سنڌ دوست ڌرين ۽ ترقي پسند ماڻھن کي گھرجي ته اھي سنڌ جي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن. محقق نازش بروھي چيو ته سنڌي قومپرستي جو تصور زمين ڌرتي سان جڙيل آھي، سنڌي ھندو سنڌ جي اھم سڃاڻپ رکن ٿا. ڊاڪٽر عرفانه  ملاح چيو ته جديد قومپرستي ۾ عورت جو ڪردار ۽ موجود نه ھئڻ جي برابر آهي. ھن چيو ته قومي شاعري توڙي قومي گيتن ۾ ڪٿي به عورت جو وجود نظر نٿو اچي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.