هوشيار ٿي وڃو، سياري ۾ ننڍڙي غلطي وڏو نقصان پهچائي سگهي ٿي

ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته سياري ۾ اُڃ نه لڳڻ ان ڳالهه جي علامت ناهي ته جسم کي پاڻي جي ضرورت ناهي پر اهو جسم جو خاموش اشارو هوندو آهي ته اهو هوريان هوريان ڊي هائڊريشن جو شڪار ٿي رهيو آهي، اها ڊي هائڊريشن ٿڪاوٽ، مٿي ۾ سور، سُستي، جلد جي خشڪي ۽ ڪمزوري جو سبب بڻجي ٿي.
سياري ۾ ٿڌي هوا سبب چپ ڦاٽندا آهن، جلد خشڪ ٿيندي آهي ۽ جسم پاڻي گهرندو آهي پر اسان محسوس ناهيون ڪندا، هي اهو ئي وقت آهي، جڏهن جسم اندروني طور تي ڌيان حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي.
ماهرن موجب سياري ۾ هلڪو گرم پاڻي، سوپ، يخني، تازا ميوا، ڀاڄيون ۽ سائي چانهه پاڻي جي کوٽ پوري ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، اهي غذائون نه رڳو جسم کي گرم رکنديون آهن پر اندروني خشڪي کي گهٽ ڪري مدافعتي نظام مضبوط ڪنديون آهن، جنهن سان بيمار ٿيڻ جا امڪان گهٽجي ويندا آهن.
تنهن ڪري سياري ۾ مناسب پاڻي جو استعمال ضرور ڪيو، ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙو ڪم به وڏن مسئلن کان بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.