جيڪڏهن توهان شادي شده آهيو ۽ سوشل ميڊيا تي ٻين عورتن جون تصويرون لائيڪ ڪيو ٿا ته اهو طلاق جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو، گهٽ ۾ گهٽ ترڪيه ۾ ته ائين ٿي سگهي ٿو.
ترڪيه جي هڪ عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ٻين عورتن جي سوشل ميڊيا پوسٽن کي لائيڪ ڪرڻ طلاق جي ڪارروائي ۾ ثبوت طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ترڪيه جي Court of Cassation دريافت ڪيو ته ترڪ شهر قيصري سان واسطو رکندڙ هڪ مرد آن لائن مسلسل ٻين عورتن جي تصويرن کي لائيڪ ڪري ازدواجي اعتماد کي نقصان پهچايو.
ان ڪيس ۾ زال ۽ مڙس ٻنهي طلاق لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي.
زال مڙس تي الزام هنيو ته هو سندس قدر ناهي ڪندو، مالي مدد فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ ٻين عورتن جي پوسٽن تي ردعمل ظاهر ڪري پنهنجا وفاداري جا بخيا اڊيڙي رهيو آهي.
هوڏانهن مڙس جي دعويٰ هئي ته زال سندس پيءُ جي توهين ڪئي، تمام گهڻو ساڙ ظاهر ڪيو ۽ آن لائن توهين جوڳا جملا استعمال ڪيا.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ مڙس کي وڌيڪ ذميوار قرار ڏنو ۽ کيس زال کي ازالو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالتي فيصلي ۾ مڙس جي سوشل ميڊيا پوسٽن تي لائيڪس کي ثبوت طور استعمال ڪيو ويو.
مڙس ان فيصلي کي چيلينج ڪيو پر ايپليٽ سپريم ڪورٽ به پنهنجي فيصلي کي برقرار رکيو.
ان عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته مڙس طرفان ٻين عورتن جي تصويرن کي لائيڪ ڪرڻ سان اعتماد ختم ٿئي ٿو.
You might also like