نزلو، زڪام ۽ کنگهه عام طور تي موسم جي تبديلي، ٿڌ لڳڻ يا وائرس سبب ٿيندا آهن، جيڪڏهن مسئلو معمولي هجي ته گهريلو علاج به اثر ڏيکاري ٿو.
ٻاڦ
گرم پاڻي جي ٻاڦ وٺڻ سان بند نَڪ کلندو آهي ۽ ساهه کڻڻ ۾ آساني ٿيندي آهي، جيڪڏهن توهان چاهيو ته پاڻي ۾ ڦودو يا لونگ به وجهي سگهو ٿا.
لوڻ جي پاڻي جا غرارا
هلڪي گرم پاڻي ۾ اڌ چمچو لوڻ وجهي غرارا ڪيو، ان سان ڳلي جي سوچ ۽ تڪليف گهٽ ٿيندي.
ڪارن مارچن، ماکي ۽ ادرڪ جي چانهه
هڪ ڪوپ پاڻي ۾ ڪارا مرچ، اردڪ ۽ ماکي وجهو، اها کنگهه ۽ ڳلي جي سور لاءِ بهترين آهي.
You might also like