ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پشتون خوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته توهان همت ڪري گورنر راڄ لڳايو، اسان عوامي راڄ لڳائينداسين.
ڪوئيٽا ۾ عبدالصمد خان اچڪزئي جي ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ۾ محمود اچڪزئي چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير سهيل آفريدي 4 ڪروڙ عوام جو نمائندو آهي، خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جون ڌمڪيون اچڻ شروع ٿي ويون آهن، ظلم خلاف بيهنداسين.
هن چيو ته پي ڪي ميپ فيصلو ڪيو آهي ته عوام جا مسئلا عوام کي ويهاري حل ڪنداسين، اهڙي پارليامينٽ چاهيون ٿا جتي آئين، قانون ۽ عوام جي حقن جون ڳالهيون ٿين.
You might also like