رسالپور (ويب ڊيسڪ) ايئر چيف مارشل مارشل ظهير احمد بابر سڌو چيو آهي ته آپريشن بنيان مرصوص ۾ اسان دشمن کي شڪست ڏني، 10 مئي تي دشمن جي ڊفينس سسٽم کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو.
پي اي ايف اڪيڊمي رسالپور ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ سان خطاب ڪندي پاڪ هوائي فوج جي سربراهه اِيئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جو چوڻ هو ته معرڪاءِ حق ۾ ڪاميابي پاڪستان اِيئر فورس جي بهترين ڪارڪردگي جو مظهر آهي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن 6 ۽ 7 مئي جي رات پاڪستان جي خودمختياري کي چئلينج ڪيو ويو ته پاڪستان اِيئر فورس دشمن کي ڀرپور جواب ڏيندي رافيل سميت ان جا جديد ترين جنگي جهاز تباهه ڪيا، 10 مئي تي اسان دشمن جي ڊفينس سسٽم کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، آپريشن بنيان مرصوص ۾ پاڪستان سائبر وار فيئر ۾ پنهنجي سرسي ثابت ڪئي.
هن چيو ته رافيل جهازن جي صلاحيت پاڪ فضائيه اڳيان ٻُڙي ثابت ٿي، دشمن جي هر حرڪت کي هوائي فوج سيڪنڊن ۾ مانيٽر ڪيو، اڄ جي جديد دنيا ۾ پاڪ فضائيه پيشيوراڻين صلاحيتن سان ليس آهي.
اِيئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو چيو اسان دشمن کي ان کان به وڌيڪ نقصان پهچائي سگهون ٿا، پر اسان هڪ پروفيشنل فورس آهيون ۽ اسان جو ايڪشن ڪيلڪوليٽڊ، اثرائتو ۽ عزت سان امن حاصل ڪرڻ لاءِ هوندو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته معرڪاءِ حق ۾ پاڪستان ايئر فورس جي ڪاميابي، سرسي ۽ جديد وار فيئر جي گهرجن کي عالمي سطح تي نه رڳو مڃيو ويو آهي پر ان تي اسٽڊي به ٿي رهي آهي.
سندس چون هو ته پاڪ فضائيه جو هر جوان ۽ هر آفيسر ملڪ ۽ قوم لاءِ هر وقت تيار آهي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير معرڪاءِ حق ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو.
هوائي فوج جي سربراهه وڌيڪ چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ امن لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ڪنهن اسان جي امن جي خواهش کي چئلينج ڪيو ته ان کي منهن ڀر ڪرڻو پوندو، اسان هڪ ذميوار ايٽمي قوت آهيون.