ملير (ڊ ر) مير بار ايسوسئيشن طرفان ملير جي بار روم تي سپريم ڪورٽ جي وڪيل، نامور سياستدان، عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو جو نالو رکيو ويو، ملير بار ايسوسئيشن ۾ افتتاحي تقريب ٿي، بار روم تي رسول بخش پليجي جي نالي واري شيلڊ جو افتتاح عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ملير بار ايسوسئيشن جي جنرل سيڪريٽري اياز عليچانڊيو، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊووڪيٽ اشرف سمون، ڪراچي بار ايسوسئيشن جي وائيس پريزيڊنٽ ڪاظم حسين مهيسر، ڪراچي بار ايسوسئيشن جي خزانچي رياض سبزوئي، عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ، عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي صدر ايڊووڪيٽ پرهه سومرو، ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلهوڙو ۽ ٻين ڪئي، ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته رسول بخش پليجي صاحب جا گهڻا پاسا آهن، هو اديب، دانشور، شاعر، نقاد، سياستدان سان گڏوگڏ سپريم ڪورٽ جو ناليوارو وڪيل هو،ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته 26هين ۽ 27 هين آئيني ترميون بنيادي انساني حقن جي خلاف ۽ مظلوم قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ لاءِ ٺاهيون ويون آهن، اسان سنڌين سان 1940ع جي قرارداد ۾ واعدو ڪيو ويو ته وفاق وٽ فقط اڍائي کاتا هوندا، پر اسان کي پهرين ڏينهن کان وٺي دوکو ڪيو ويو. چوڪيدان کي مالڪ بڻايو ويو، ڪاظم مهيسر چيو ته رسول بخش پليجو تمام وڏو وڪيل هو، هن مظلوم طبقن هارين ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، ايڊووڪيٽ اشرف سمون چيو ته رسول بخش پليجو رڳو دانشور ۽ وڪيل نه هو پر هو هڪ يونيورسٽي آهي. رسول بخش پليجي هر ظلم خلاف جدوجهد ڪئي.