ڪراچي(رپورٽر)سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان ۾ سومر ڏينهن ڪراچيءَ جي علائقي نيپا چورنگي ڀرسان کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ واري معصوم ٻار ابراهيم جي موت واري واقعي تي اپوزيشن ميمبرن سخت احتجاج ڪيو. قائد حزب اختلاف هن معاملي تي ڳالهائڻ چاهيو پر اجازت نه ملڻ تي ايم ڪيو ايم جا ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا. اجلاس جي شروعات ۾ نيپا چورنگي ڀرسان کليل مين هول ۾ ڪري فوت ٿيندڙ ٻار ابراهيم لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي.ايم ڪيو ايم جي ميمبر افتخار عالم هن واقعي تي سخت احتجاج ڪندي چيو ته ڇا ڪراچي جا ٻار اهڙي طرح گٽرن ۾ ڪرندا رهندا؟ حڪومت اهڙن واقعن کان بچاءُ لاءِ ڪڏهن قدم کڻندي؟ هن چيو ته کليل مين هول موت کي دعوت ڏيڻ برابر آهن. ڪي ايم سي ۽ ڪينٽونمينٽ وارن علائقن ۾ گٽر کليل پيا آهن. معصوم ٻار جو لاش 11 ڪلاڪن کانپوءِ مليو آهي.جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق چيو ته ان ماءُ کان پڇو جنهن جو لال هليو ويو. اسان جا ڪائونسلر ۽ ٽائون چيئرمين اُتي موجود هئا. هن چيو ته ميئر ڪراچي ۽ ضلعي انتظاميا ڪو جواب نه ڏئي رهيا هئا. بي آر ٽي ريڊ لائين تي هي ٽيون واقعو آهي. هن واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڇا ڪراچي جا شهري لاش ڪڍندا رهندا؟ميمبر اسيمبلي ريحان بندوڪڙا چيو ته ڪراچي جو ميئر ڪير آهي؟ ٽائون چيئرمين ڪير آهي؟ سياست ڇڏي ڏيو، اسان سڀ ميمبر آهيون. جنهن خاندان سان جيڪو ٿيو، ان بابت سڀني کي سوچڻ جي ضرورت آهي. هن فوتي ٻار جي تصوير هٿ ۾ کڻي چيو ته اهو مُسڪرائيندڙ چهرو هاڻي دنيا مان هليو ويو. ان موقعي تي ڪيترائي ميمبر آبديدہ ٿي پيا. عورت ميمبر حنا دستگير ۽ هير سوهو پنهنجا ڳوڙها اگھندي نظر آيون. ريحان بندوڪڙا وڌيڪ چيو ته ڪنهن جو نالو نه ٿو وٺان، بس اهو سوچو ته جيڪڏهن اهو توهان جو پٽ هجي ها ته ڇا ٿئي ها؟ ان موقعي تي اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي هن معاملي تي ڳالهائڻ چاهيو پر ڊپٽي اسپيڪر نويد انٿوني چيو ته هو توجهه ڏياريونوٽيس نمٽائڻ کان پوءِ هن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيندو. اجازت نه ملڻ تي ايم ڪيو ايم ميمبرن گوڙ ڪرڻ بعد ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، ايم ڪيو ايم جي رڪن عامر صديقي پنهنجي هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته اپوزيشن ميمبر کي اهو اختيار ئي ناهي ته هو تڪن ۾ وڃي ڏسي سگهن ته اتي ڪهڙي معيار جو ترقياتي ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ڪي ڊي اي جھانگير روڊ تي 57 ڪروڙ رپين جو ڪم ڪيو، اهو روڊ هاڻي ختم ٿي ويو آهي ۽ ٻيهر پيسا گهريا پيا وڃن. انهن آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪير ڪندو؟ پي ٽي آءِ جي رڪن سجاد علي چيو ته لياري بهار ڪالوني ۾ پارڪ جي حالت خراب آهي، شاهه ڀٽائي روڊ تي هڪ پارڪ تي مذهبي جماعت جو قبضو آهي. هن ٻڌايو ته هڪ پارڪ ۾ گڏھ ٻڌا وڃن ٿا ۽ اتي پي پي جي مقامي اڳواڻ چوندو آهي ته پارڪ منهنجو آهي.سراج قاسم سومرو جواب ڏيندي چيو ته پارڪ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، اتي واٽر پمپ لڳايا پيا وڃن، ڪارروائي دوران سرڪاري آفيسرن جي غيرحاضري تي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته چيف سيڪريٽري کي اڄ ئي خط لکو ته وقف سوالن جوابن جي وقفي ۾ لاڳاپيل سيڪريٽري ڇو موجود ناهي؟ اويس قادر شاهه رولنگ ڏني ته چيف سيڪريٽري کان وضاحت طلب ڪئي وڃي. بعد ۾ اجلاس اڄ اڱاري ڏينهن ٻارهين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
-
نيپا چورنگي تي گٽر ۾ ڪريل معصوم ٻار جو 14 ڪلاڪن بعد لاش هٿ، احتجاج
ڪراچي (رپورٽر) گلشن اقبال جي نيپا چورنگي وٽ کليل گٽر ۾ ڪري ويل 3 سالن جي ٻار ابراهيم جو لاش 14 ڪلاڪن بعد حادثي واري هنڌ کان هڪ ڪلوميٽر پري نالي مان مليو، انتظاميا تماشائي بڻيل رهي، کچرو کڻندڙ نوجوان معصوم نينگر جو لاش گٽر مان ڪڍيو، واقعي کان پوءِ شهرين سخت احتجاج ڪندي يونيورسٽي روڊ سميت ڪيترائي رستا بند ڪري ڇڏيا، جڏهن ته مڇريل ماڻهن پوليس ۽ ميڊيا جي نمائندن تي حملو ڪري گاڏين جا شيشا پڻ ٽوڙي ڇڏيا، ريسڪيو 1122 جي ترجمان احسانُ الحسيب خان موجب، آچر جي رات 10 وڳي مرڪزي ڪمانڊ سينٽر کي واقعي جو اطلاع مليو، ٻار پنهنجي والدين سان گڏ نيپا وٽ هڪ نجي ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ خريداري لاءِ آيو هو، اسٽور کان ٻاهر نڪرندي ٻار اوچتو کليل مين هول ۾ ڪري پيو، ترجمان موجب ريسڪيو 1122 عام طور رات جو ڳولا شروع نٿو ڪري، پر ڇو ته هنڌ تي وڏو هجوم هو ۽ والدين صدمي ۾ هئا، انڪري فوري طور سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو، ريسڪيو اهلڪارن ڳولا دوران 5 هنڌن تي کوٽائي به ڪئي ۽ پر ڪجهه نه ٿيو، ايندڙ صبح پوليس ٻڌايو ته ابراهيم جو لاش حادثي واري هنڌ کان لڳ ڀڳ هڪ ڪلوميٽر پري نالي مان مليو، ٻار جي والد جو چوڻ آهي ته شاپنگ ڪري ٻاهر نڪتاسين ته پٽ هٿ ڇڏائي ڊوڙيو ۽ اسان جي اکين سامهون گٽر ۾ ڪري پيو، مين هول تي ڪو ڍڪ نه هو، واقعي کان پوءِ نيپا چورنگي تي ماڻهن زبردست احتجاج ڪندي ٽائر ٻاري رستا بند ڪري ڇڏيا، ڪجهه ماڻهن جي پٿرائيو سبب پوليس ۽ ميڊيا جون گاڏيون به متاثر ٿيون، شرپسند عمل سبب ريسڪيو آپريشن ڪجهه وقت لاءِ روڪڻو پيو، ٻئي پاسي سنڌ حڪومت واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد جو چوڻ آهي ته گٽر کي ڍڪ ڇو غائب هو، ان جي مڪمل انڪوائري ڪئي پئي وڃي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڊپٽي ميئر سلمان مراد ريسڪيو ادارن کي الرٽ ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻار کي جلد ڳولڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون، واضح رهي ته پاڪستان ۾ کليل گٽرن ۽ مين هولن سبب اهڙا واقعا عام آهن، خاص ڪري ڪراچي ۾ جتي ٽٽل يا غائب ڍڪ، خراب صفائي ۽ گهٽ روشني سبب وڏو خطرو موجود آهي، ڪراچي ۾ کليل گٽر ۾ ڪريل ٻار جون خبرون هلڻ بعد انتظاميا غائب، امدادي ڪم چندي تي هلندو رهيو، امدادي ڪارروائيون به ماڻهن جي گڏ ڪيل چندي تي جاري رهيون، گلشن اقبال جي نيپا چورنگي وٽ ڊپارٽمينٽل اسٽور جي سامهون کليل مين هول ۾ ڪري ويل ٻار جو اڃا تائين ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو، جڏهن ته ميڊيا تي خبرن اچڻ کان پوءِ به انتظاميا جو ڪو نمائندو هنڌ تي موجود نظر نه آيو، ٻئي پاسي وڏي وزير مراد علي شاهه پڻ معصوم ابراهيم جي کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ گٽر مٿان ڍڪ نه هجڻ جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
-
بي آر ٽي منصوبي کي ختم ڪري يونيورسٽي روڊ بحال ڪيو وڃي
ڪراچي (رپورٽر) امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي جو سڄو نظام بگهڙن جي هٿن ۾ ڏنو ويو آهي، اداره نور حق ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪرپشنجو گڙهه بڻجي چڪي آهي، هن الزام لڳايو ته آئين ۾ جيڪي ترميمون ڪرايون وڃن ٿيون، انهن جا سرپرست به سنڌ حڪومت جا وڏا آهن، جنهن سبب سڄي سرڪار نااهلي جو شاهڪار بڻجي بيٺي آهي، بي آر ٽي جي نالي تي ڪراچي وارن کي تڪليفن ۾ وڌو ويو آهي، گٽرن ۾ ڪرڻ جا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن، ڪيترائي سال گذرڻ باوجود به بي آر ٽي لائن جو منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو، بي آر ٽي جي ڊزائن ۾ سنگين نقص آهن، تنهن ڪري اهو منصوبو ختم ڪري يونيورسٽي روڊ کي پنهنجي اصل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت 3360 ارب رپيا کائي وئي آهي ۽ اهڙي صورتحال ڏسندي لڳي ٿو ته سنڌ حڪومت ڪرمنالوجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رکي آهي، ڪنهن به شهري جي گهر تي ڪو قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته جماعت اسلامي مزاحمت ڪندي. قبضو ڇڏائڻ لاءِ خاص سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي.
-
معصوم ابراهيم جو لاش ڪڍندڙ نينگر تي تشدد جو انڪشاف
ڪراچي: ڪراچي جي گلشن اقبال، نيپا چورنگي جي ويجهو کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيندڙ معصوم ابراهيم جو لاش گٽر مان ڪڍندڙڪچرو کڻڻ واري نوجوان تنوير لاش ڪڍي ريسڪيو اهلڪارن حوالي ڪيو، جڏهن ته ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واقعي بعد سرڪاري مشينري گهڻا ڪلاڪ دير سان پهتي، جڏهن ته موجود ماڻهن ۽ والدين پنهنجي خرچ تي کوٽائي ڪرائي، جڏهن ته ڪروڙين رپين جي مشينري ۽ رضاڪار به لاش ڪڍي نه سگهيا، لاش ڪڍندڙ نوجوان تنوير چيو ته نجي يونيورسٽي جي ويجهو نالي ۾ لاش ڏٺو ۽ پوءِ ان کي ڪڍي اهلڪارن حوالي ڪيو، لاش ڏنو ته پوليس اهلڪارن پڇو تون ڪير آهين، مون چيو ته لاش ڪڍي ڏنو آهي ته پوءِ اهلڪارن ٿڦون هنيون، اکين ڏٺن شاهدن مون لاش ملي وڃڻ کانپوءِ پوليس نوجوان کي تشدد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته ريسڪيُو رضاڪار پنهنجو ادارو روشن ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا.
-
ريڊلائن رٿا عذاب بڻجي وئي،ڪراچي شهر آهي يا موئن جو دڙو؟
ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)ڪراچيءَ نيپا چوڪ تي کليل مين هول ۾ معصوم ٻار جي ڪري فوت ٿيڻ واري واقعي سڄي ملڪ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي. سماجي حلقن، صحافين ۽ سياستدانن هن حادثي کي سنڌ جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جي شديد نااهلي قرار ڏنو آهي، سوشل ميڊيا تي شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي، اڳوڻي خزاني واري وزير ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل چيو ته پيپلز پارٽي جي نااهلي ۽ سنڌ حڪومت جي غير ذميوارانه طرزِ حڪمراني لاءِ لفظ گهٽ پئجي ويا آهن۔”فڪس اِٽ’ مهم جي باني عالمگير خان واقعي واري هنڌ پهچي چيو ته هي شهر آهي يا موئن جو دڙو؟”جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر به سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته:اختيارن جي مالڪي باوجود حڪومت گٽرن جا ڍڪ به فراهم نٿي ڪري سگهي، ريڊ لائين منصوبو شهريَن لاءِ عذاب بڻجي چڪو آهي سوشل ميڊيا صارف احسان بخاري هن واقعي کي ’قتل براءِ غفلت‘ قرار ڏنو ۽ لکيو ته ڪراچي جي بلدياتي حڪومت جي ڪن تي جؤن به نٿي سُرڪي۔”دي وائر’ جي سي اي او علي چشتي لکيو:ڪراچي ان کان بهتر جو حقدار آهي،هي مجرماڻي غفلت آهي ۔سينيئر صحافي معيد پيرزادا اها وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته سڄو ملڪ ئي مين هول بڻجي ويو آهي،صحافي اسما شوڪت چيو ته هي حادثو نه آهي،هي غفلت سبب ٿيل قتل آهي۔ ۽ هي تڏهن تائين ٿيندو رهندو، جيستائين ڪراچيءَ جو نظام بار بار ناڪام ٿيندو رهندو۔”تجزياڪار فراز درويش به لکيو ته سڄو ڪراچي تباهي جو شڪار آهي,موبائل ڦر عام، رستا ٽٽل، گندگي هر طرف، بي هنگم تعميرون، پاڻي بيٺلسڀ ڪجهه برباد۔”پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نبيـل گبول والدين کي چيو ته ذميوارن خلاف فوري طور ايف آءِ آر داخل ڪرائين۔سماجي اڳواڻ گنيش ڪمار لکيو ته اسان مريم نواز کان مطالبو ڪريون ٿا ته فوري نوٽيس وٺي، ڪراچي ترقي گهري رهي آهي
-
واقعي جو ذميوار جماعت اسلامي کي چوندس ته ماڻهو ناراض ٿيندا
ڪراچي (رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته نيپا ويجھو کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل ٻار معاملي تي ٽائون چيئرمين جماعت اسلامي سان لاڳاپيل آهي ۽ جيڪڏهن هو ڪجهه چوي ته ماڻهو ناراض ٿي سگھن ٿا، ميڊيا سان ڳالھيندي ميئر ڪراچي چيو ته نيپا جي ويجھو جتي ٻار ڪري پيو، اتي سيوريج لائن نه پر برساتي نالو هو ۽ هن واقعي تي هن خاندان جي ڏک ۾ شريڪ آهي، واقعي کي بدقسمتي سان سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اهڙن موقعن تي سياست ڪرڻ بدران مدد ۽ سهڪار جي ضرورت هوندي آهي، ميئر وڌيڪ ٻڌايو ته ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن کي حڪم ڏنو آهي ته هو معلوم ڪري ته کوٽائي دوران مشينري کي روڪڻ جو حڪم ڪنهن ڏنو هو ۽ جيڪڏهن ائين ثابت ٿيو ته لاڳاپيل ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪجهه عنصر هن افسوسناڪ واقعي کي پنهنجي سياسي مقاصد لاءِ استعمال ڪرڻ چاھين ٿا، حڪومت جو حصو هجڻ جي حيثيت سان متاثر خاندان سان گڏ آهيون، چڙ ڏياريندڙ بيانن سبب مسئلا وڌيڪ وڌي وڃن ٿا.
-
نيپا واقعي ۾ ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ مين ھول ۾ ٻارڙي جي ڪري فوت ٿيڻ واري واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي تھ ان وقعي تي ھر شخص غم ۾ ورتل آھي ۽ اسان فوتي ٻارڙي جي گھر ڀاتين جي غم ۾ برابر جا شريڪ آھيون. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي هن چيو ته جيئن ئي واقعو پيش آيو، ريسڪيو ٽيمون واقعي واري ھنڌ تي پھچي ويون ۽ ريسڪيو واري عمل جون سموريون تصويرون موجود آھن، هن چيو تھ جنھن جي ڪوتاھي جي ڪري ھي واقعو پيش آيو، اُن کي سزا ملڻ گھرجي ۽ بطور وزير جيڪڏھن منھنجي بھ ڪا ذميواري آھي تھ اُھا بھ آئون قبول ڪرڻ لاءِ تيار آھيان. ھن چيو تھ انساني جان کان وڌيڪ ڪابھ شئي قيمتي ناھي ۽ ھي اسان سڀني جي اجتماعي ذميواري آھي. شرجيل انعام ميمڻ اپوزيشن کي ان معاملي کي اٿارڻ واري انداز کي تعريف جوڳو قرار ڏنو ۽ خاطري ڪرائي تھ ڪنھن بھ کاتي جي ڪنھن بھ آفيسر جي ڪوتاھي ھوندي تھ سخت کان سخت ڪارروائي ٿيندي
-
گلشن اقبال واقعو: سٽي ڪائونسل ۾ اپوزيشن جو شديد احتجاج
ڪراچي (رپورٽر) گلشن اقبال ۾ معصوم ٻار جي کليل گٽر ۾ فوت ٿيڻ خلاف بلديه عظميٰ ڪراچي جي اجلاس دوران اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو ۽ ميئر مرتضيٰ وهاب کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو، اپوزيشن مطالبو ڪيو ته واقعي جو ڪيس ايم ڊي واٽر بورڊ، ايڪسئن ۽ ميئر ڪراچي خلاف داخل ڪيو وڃي، اجلاس دوران جماعت اسلامي جي ميمبرن سخت نعريبازي ڪئي ۽ ميئر ڪراچي خلاف ”قاتل قاتل“ جا نعرا هنيا، جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ جو منظر پيش ڪرڻ لڳو، پيپلزپارٽي جي پارلياماني اڳواڻ ڪرم الله وُقاصي چيو ته سڄي ڪراچي ۾ 80 هزار کان وڌيڪ گٽرن جا ڍڪ هڪ سال ۾ يوسي چيئرمينز کي ڏنا ويا، هن دعويٰ ڪئي ته واقعي جا ذميوار ضرور ڪٽهري ۾ آندا ويندا ۽ هر يوسي کي ڏنل ڍڪن جو حساب به ورتو ويندو، ڊپٽي پارلياماني اڳواڻ دل محمد چيو ته ڪراچي کي نااهل جماعت اسلامي حوالي نه ڪنداسين، جماعت اسلامي جي منافقت هر وقت سامهون اچي ٿي، پ پ اڳواڻ مسرت خان چيو ته ميئر ڪراچي کي سياسي بليڪ ميل نه ٿو ڪري سگهجي. فوتي ٻار جي وارثن سان گڏ آهيون، مخالفن جي سياست تي لعنت ڪيان ٿو، سيف الدين ايڊووڪيٽ چيو ته اڄ به ڪائونسل جو ايجنڊا فقط کائڻ پيئڻ ۽ ڪرپشن جاري رکڻ هو. اسان ٻار جي موت تي ڳالهائڻ چاهيو پر پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ نه ڏنو ويو، واقعي جو ڪيس ايم ڊي واٽر بورڊ، ايڪسئن ۽ مرتضىٰ وهاب خلاف داخل ڪيو وڃي.