ڪراچي (عرفان بلوچ) اسپيشل انٽيليجنس يونٽ سي آءِ اي ۽ اسپيشل ٽاسڪ فورس ڪراچي شهر ۾ هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جي منشيات هٿ ڪري ورتي، سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، صوبائي ايڪسائيز وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ پوليس آفيسرن سان گڏ سومر تي ڪراچي پوليس آفيس ۾ هڪ نيوزڪانفرنس ڪئي ۽ ڪامياب ڪارروائي لاءِ پوليس ٽيم لاءِ 10 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪيو. هن چيو ته انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڪيترن ئي هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا، جنهن دوران 508 ڪلوگرام کان وڌيڪ منشيات ضبط ڪئي وئي. آپريشن دوران 468 پيڪٽ چرس ۽ 540 آئس پيڪٽ به هٿ ڪيا ويا. مختلف ڪارروائين ۾ ڪل 13 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ اي اي ٽي او جاويد شيخ به شامل آهي، جنهن جي گهر مان 50 ڪلوگرام چرس ۽ 10 ڪلوگرام آئس هٿ ڪئي وئي. اسپيشل ٽيم شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائين دوران 44 ڪلاڪن ۾ 14 ٽن منشيات به هٿ ڪري ورتي آهي. ضياءُ الحسن لنجار چيو ته گرفتار ٿيل شڪي ماڻهن کان اهم انڪشاف ٿيا آهن، جن جي مدد سان انهن جي نيٽ ورڪ ۽ گودامن تائين رسائي حاصل ڪئي پئي وڃي. شڪي ماڻهن کي منشيات جي خريداري، وڪري ۽ منتقلي لاءِ منظم گروهن جو حصو چيو پيو وڃي. ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ڄاڻايل آپريشن گلستان جوهر ۽ پاڪ ڪالوني ۾ ڪيو ويو، چوڏهن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، ملزم سيف الرحمان جي اطلاع تي ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ جي ((AETO اي اي ٽي او جاويد رشيد کي گرفتار ڪيو ويو. ايڪسائيز کاتي جا ڪيترائي آفيسر منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث مليا آهن. ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ايڪسائيز کاتي جي اٺاويهه ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو.