سولر پروجيڪٽ ۾ فراڊ ۾ ملوث ڪمپني بليڪ لسٽ، ڊي ايڇ اي لاءِ پاڻي اگهه گهٽائي مقرر

ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) سنڌ حڪومت ٿر ڪوئل فيلڊ کان ڇور تائين ريلوي لائن جي تعمير لاءِ 6.6 ارب رپيا جاري ڪرڻ، سولر پروجيڪٽ ۾ مبينه فراڊ ۾ ملوث ڪمپني کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو حڪم سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيندڙ سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ 27 نڪتن واري ايجنڊا تي غور ڪيو ويو،. اجلاس ۾ مقامي گورنمينٽ جي کاتي پاران ڊي ايڇ اي لاءِ پاڻي جي قيمت ۾ تبديلي جي تجويز ڪابينا آڏو پيش ڪئي وئي. پهريان ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن 0.85 رپيا في گيلن قيمت مقرر ڪئي هئي جنهن کي صوبي جي حڪومت جي 10.566 ارب رپين جي قرض مدد جي شرط طور منظور ڪيو ويو هو. وڌيڪ ڳالهين کان پوءِ ڪراچي واٽر بورڊ ، ڊي ايڇ اي لاءِ پاڻي جي قيمت 0.60 رپيا في گيلن تجويز ڪئي سنڌ ڪابينا رڪارڊ آف رائيٽس جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ زمين جي اليڪٽران تبديلي  جي انقلابي منصوبي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. هي منصوبو بورڊ آف ريونيو جي قيادت هيٺ هوندو جڏهن ته سکر  آئي بي اي  يونيورسٽي ڊجيٽل لينڊ رڪارڊ جو سسٽم تيار ڪندي  مستقبل ۾ سڀني زمينن جا ٽرانسفر مڪمل طور تي آن لائن ۽ ڊجيٽل هوندا. نئين سنڌ لينڊ رڪارڊز اٿارٽي هن نظام جي نگراني ڪندي. نادرا ايف بي آر ۽  جي آئي ايس  ميپنگ سان انضمام  ٿيندو. شهري پنهنجون دستاويزات آن لائن اپ لوڊ ڪندا، اجلاس ۾ ورلڊ بينڪ جي مدد سان هلندڙ سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ، جيڪو جولاءِ 2025 ۾ مڪمل ٿيڻ وارو آهي تقريباً مڪمل بجيٽ استعمال ڪرڻ باوجود سنگين مسئلن جو شڪار رهيو. منصوبي جا ڪيترائي بنيادي مقصد جهڙوڪ سولر پارڪس جي تعمير، سرڪاري ۽ نجي عمارتن تي سولر روف ٽاپ سسٽم لڳائڻ ۽ گهرن کي سولر ڪٽس فراهم ڪرڻ مڪمل نه ٿي سگهيا. تحقيقن ۾ معلوم ٿيو ته ڪنٽريڪٽ ۾ غير مناسب تبديليون ڪيون ويون، نامڪمل يا غير موجود ڪم جي باوجود ادائيگيون ٿيون، درآمدن ۾ سنگين بي ضابطگيون ٿيون جن ۾ مکيه ڪنٽريڪٽر پاران جعلي دستاويز جمع ڪرائڻ شامل هو جنهن سان سرڪاري خزاني کي وڏو نقصان ٿيو. ڪجهه اين جي اوز کي مقابلي کان سواءِ ڪم ڏنو ويو ۽ اهم رقوم اهڙي سامان تي خرچ ٿيون جن جو واضح رڪارڊ موجود نه هو. وڏي وزير  انهن بي ضابطگين جو سخت نوٽيس وٺندي مڪمل فارنزڪ آڊٽ، انڪوائري ۽ ملوث ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ته هڪ مرڪزي ڊيٽابيس ۽ موبائل ايپ ذريعي ڪٽس جي فراهمي وقت نگراني ڪئي ويندي. هڪ اعليٰ سطح جي اسٽيئرنگ ڪميٽي نگراني ڪندي. ڪابينا گھرو کاتي کي ڪراچي ڊويزن ۾ پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي تعيناتي ۾ هڪ سال جي وڌيڪ توسيع لاءِ درخواست جي منظوري ڏني، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 20 نومبر 2025 جي اجلاس ۾ ايجوڪيشن سٽي لينڊ الاٽمينٽ رولز ۽ ايجوڪيشن سٽي ريگيوليشنز جي اصولي منظوري ڏني وئي، ۽ دستاويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ پنج رڪنن واري ڪميٽي ٺاهي وئي. ڪميٽي 27 نومبر 2025 تي گڏ ٿي، جتي رولز ۽ ريگيوليشنز جو جائزو ورتو ۽ صحيح قرار ڏنو. وڌيڪ هدايت ڏني وئي ته صوبو سنڌ پاران سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ لاءِ موجوده شرطن کي باقاعده طور تي ايجوڪيشن سٽي بورڊ پاران اختيار ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.