پي ٽي آءِ جو امڪاني احتجاج، اسلام آباد ۽ پنڊي ۾ قلم 144 لاڳو

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ جي امڪاني احتجاج کي نظر ۾ رکندي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، ضلعي انتظاميا موجب، قلم 144تحت ڪنهن به قسم جي احتجاج، جلسي يا جلوس جي اجازت ناهي، اسلام آباد ضلعي انتظاميا چيو آهي ته ڪنهن به غير قانوني سرگرمي تي قانون فوري طور تي عمل ۾ آندو ويندو، راولپنڊي ۾ پڻ ڊپٽي ڪمشنر حسن وقار چيمه جي هدايت تي قلم 144  لاڳو ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن موجب هڪ قلم 3 ڊسمبر 2025 تائين لاڳو رهندو، هتي هر قسم جي اجتماع، ريلي ۽ جلسي جلوس تي پابندي هوندي، پوليس ۽ ٻين قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي هاءِ الرٽ تي رکيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.