ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪاميڊين ڪپل شرما اعتراف ڪيو آهي ته زال جي موجودگيءَ ۾ سيٽ تي ساٿي اداڪارا سان رومانوي سين شوٽ ڪرڻ وارو عمل ڏکيو بڻجي ويندي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪپل شرما پنهنجي نئين فلم ”ڪس ڪس ڪو پيار ڪرون ٽو“ دوران پيش آيل مزاحيه ۽ ڏکين لمحن جو ذڪر ڪيو.
هن ٻڌايو ته فلم ۾ هڪ رومانوي سين شوٽ ڪرڻو هو، پر زال جي موجودگيءَ سبب اداڪارا سان رومانس ڪرڻ مون لاءِ ڏکيو هو، مون کي ڏڪڻي محسوس ٿي.
ان موقعي تي ڪپل شرما جي گهراواري گني چترٿ به مڃيو ته هو مڙس کي اداڪارائن سان رومانوي سين ڪندي نٿي ڏسي سگهي، هن کي ساڙ ٿيندو آهي ۽ اِهو برداشت نٿي ڪري سگهي.
واضح رهي ته فلم ”ڪس ڪس ڪو پيار ڪرون ٽو“ ۾ ڪپل شرما پهرئين پارٽ جيان هڪ ڀيرو وري چئن اداڪارائن سان گڏ نظر ايندو، جيڪا هلندڙ مهيني 12 ڊسمبر تي رليز ٿيندي.
Prev Post
You might also like