نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڀارتي اداڪارا سمنٿا رٿ پراڀو فلمساز راج نيديمرو سان شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي.
اداڪارا انسٽاگرام تي راج سان گڏ تصويرون شيئر ڪيون ۽ پنهنجي نئين رشتي جو باظابطا اعلان ڪيو.
جوڙي جي شادي تقريب سادي انداز ۾ ٿي، جنهن ۾ ويجهن مٽن مائٽن ۽ دوستن شرڪت ڪئي.
واضح رهي ته ٻنهي گذريل سال جي شروعات کان پنهنجي لاڳاپن بابت خبرن تي خاموشي اختيار ڪئي هئي.
راج پاران پهرين گهرواري سان عليحدگي جو ڪڏهن به اعلان نه ڪيو ويو، جڏهن ته سمنٿا پنهنجي اڳوڻي مڙس ناگا چيتنيا سان آڪٽوبر 2021ع ۾ چئن سالن تائين قائم رهندڙ شادي جي خاتمي ۽ طلاق جو سرعام اعلان ڪيو هو.
You might also like