ڪراچي (ويب ڊيسڪ)صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سياست اچڻي وڃڻي شيءِ آهي، پر انساني زندگي وڌيڪ قيمتي آهي، جنهن ڪوتاهي ڪئي ان خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ڪراچي ۾ کليل گٽر ڪِري حياتي وڃائيندڙ نينگر بابت صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته جنهن جي به ذميواري هئي جيڪڏهن پوري نه ڪئي وئي ته سزا ملڻ گهرجي، جيڪڏهن منهنجي ذميواري هئي ته مون کي به سزا ملڻ گهرجي.
هن چيو ته ڏکويل خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيان ٿو ۽ سندن ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيون، ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون، ميئر ڪراچي به ويو هو، افسوس ٿئي ٿو اهڙي موقعي تي هڪٻئي تي الزام مڙهيا پيا وڃن.
شرجيل ميمڻ چيو ته هي انساني زندگين جو مسئلو آهي ان کان وڌيڪ ڪجهه ناهي، جيڪڏهن آفيسر پنهنجو ڪم صحيح نه ڪندا اسان کين قانون جي دائري ۾ سخت کان سخت سزا ڏينداسين، پندرنهن منٽن کان اڌ ڪلاڪ اندر امدادي ڪارروائي شروع ڪئي وئي هئي.
Prev Post
Next Post
You might also like