ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 2700 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 46 هزار 862 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون جي قيمت 2 هزار 315 رپيا اضافي سان 3 لک 83 هزار 122رپيا آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 27 ڊالر واڌ سان 4 هزار 242 ڊالرز تي پهچي ويو آهي.
You might also like