ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ۽ سياستدان جيا بچن جديد دور ۾ ”شادي“ جي تصور کي هڪ دقيانوسي روايت قرار ڏئي ڇڏيو .
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هڪ انٽرويو دوران جيا بچن چيو ته ”مان چاهيان ٿي ته منهنجي ڏوهٽي نويا شادي نه ڪري.“
جيا بچن موجب، مان اڄڪلهه جي جديد مائرن کي ٻارن جي پرورش بابت صلاحون ڏيڻ لاءِ پوڙهي ٿي چڪي آهيان، پر اهو ضرور مڃينديس ته هن دور جا ٻار وڏا سياڻا آهن.
انٽرويو دوران جيا بچن کان ڏوهٽي نويا نوويلي نندا جي شادي بابت سوال ڪيو ويو جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ” رڳو زندگي انجواءِ ڪري.“
جيان بچن کان پڇيو ويو ته ڇا نويا شادي کانپوءِ سندس جيان پنهنجو ڪيريئر تان هٿ کڻي ويندي؟
ان جي جواب ۾ هن چيو ته ” مان نٿي چاهيان ته نويا شادي ڪري، شادي هڪ دقيانوسي روايت آهي، جڏهن ته اڄڪلهه جا ٻار هر ڪنهن کي پوئتي ڇڏڻ جي صلاحيت رکن ٿا.“
اميتاڀ بچن سان اڌي صدي ازدواجي زندگي گهاريندڙ جيا بچن شادي کي ” دهلي جو لڏو“قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن توهان شادي جو لڏون کائيندئو ته پريشان ٿيندئو نه کائيندئو ته تڏهن به پڇتائيندئو.
Next Post
You might also like