”مريم نواز جي ڪم جي رفتاري ترڪي کان به تيز آهي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) ترڪيه جي حڪمران جسٽس اينڊ ڊيولپمينٽ پارٽي جي پارليامينٽ ميمبر برهان ڪاياترڪ جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي ڪم ڪرڻ جي رفتار ترڪيه کان به تيز آهي.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان ترڪيه جي وفد ترڪ پارليامينٽ ميمبر ۽ ترڪ گرينڊ نيشنل اسيمبليءَ جي يورپي يونين هم آهنگي ڪميٽيءَ جي صدر برهان ڪاياترڪ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران ٻه طرن لاڳاپن، معاشي، ماحولياتي ۽ پارلياماني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي.
ملاقات دوران پارلياماني وفدن ۽ قانون ساز ادارن وچ ۾ مستقل رابطا وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو، فلڊ مئنيجمينٽ ڪلين ٽرانسپورٽ، ٻيلن جي تحفظ ۽ ڪلائميٽ سمارٽ انفرااسٽرڪچر ۾ گڏيل سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ان موقعي تي برهان ترڪ جو چوڻ هو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي ڪم ڪرڻ جي رفتار ترڪيه کان به تيز آهي، ترڪيه جو عوام قائدِ اعظم محمد علي جناح ۽ نواز شريف جو مداح آهي.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ويجهڙائي ۾ ٻوڏ دوران ترڪ حڪومت ۽ قوم جي وقتائتي امداد تي ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان جي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ ترڪيه جي دلچسپي جي آجيان ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.