اسٽيبلشمينٽ ملڪ کي ڏڦيڙ تحت هلائڻ واري پاليسي تي گامزن آهي\ڪاشف سعيد

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ملڪ کي متحد رکڻ بدران ڏڦيڙ ۽ آپي شاهي واري پاليسي تي گامزن آهي، ٻن ميڊيا مالڪن کي صوبا ورهائڻ لاءِ دڳ سڌو ڪرڻ جو ٺيڪو ڏيڻ ملڪي وحدت تي وار آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي چونڊن ۾ شڪست کان پوءِ حڪمران عوام جو موڊ ڏسي وٺن، گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر پاران 27 ۽ 28 هين ترميم توڙي عدليه جي آزادي ۽ انساني حقن بابت ڳڻتي جو اظهار ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته دنيا پاڪستاني حڪمران ٽولي ۽ مقتدر ادارن پاران جمهوريت ۽ عدليه جي آزادي تي حملن کي گهري نگاهه سان ڏسي رهي آهي، ڪاشف سعيد شيخ هاءِ ڪورٽ بار جي چونڊن ۾ حسيب جمالي کي صدر، عارف جکراڻي کي نائب صدر ۽ ادي فريده مڱريو کي جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي دلي مبارڪباد ڏيندي ان کي جمهوريت دشمن قوتن لاءِ اهم پيغام قرار ڏنو آهي، ماضي ۾ جيتوڻيڪ شڪايتن باوجود چونڊيل قيادت بار ۽ بينچ ۾ پُل جو ڪردار ۽ مظلوم عوام جي دادرسي لاءِ حق جو هوڪو ڏيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.