رياست تي اشرافيه جو قبضو،آءِ ايم ايف جي مخالفت باوجود حڪومتي ايم اين ايز کي 43 ارب جاري

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)معاشي ماهر ڊاڪٽر حفيظ پاشا چيو آهي ته گذريل 24 سالن ۾ آءِ ايم ايف اهڙا لفظ ڪڏهن استعمال نه ڪيا، جيڪي هاڻي پنهنجي رپورٽ ۾ ڪيا آهن،رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته "ايليٽ ڪلچر” يعني اشرافيا جو ملڪ جي وسيلن تي قبضو آهي جيڪا ملڪ لاءِ نه پر پنهنجي مفاد لاءِ ڪم ڪري ٿي،هن چيو ته کنڊ جي برآمد جا مثال ڏنا وياآهن ته ڪيئن ايڪسپورٽ ڪري منافعو ڪمايو ويو۽ ضلعي سطح تي اهڙا منصوبا جن ۾ يا ته ڪامورن ۽  سياستدانن ڳٺ جوڙ سان فنڊ هڙپ ڪيا،آءِ ايم ايف اڳي ڪڏهن به پاڪستان جي پس منظر ۾ اهڙي سخت ٻولي استعمال نه ڪئي هئي ٻئي پاسي صحافي شهباز راڻا چيو آهي ته آءِ ايم ايف پاران ترقياتي رٿائون سياستدانن حوالي ڪرڻ تي تنقيد باوجود حڪومت سرڪاري ڌر جي ايم اين ايز کي ترقياتي رٿائن لاءِ 43 ارب رپيا جاري ڪيا آهن جنهن ۾ هر ميمبر کي 25 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا آهن   ٻئي پاسي سينيٽر مشاهد حسين ٽوئيٽ ڪيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت اڃا تائين آءِ ايم ايف جي مالي مدد تي ڀاڙيل آهي ۽ اڃا تائين آءِ ايم ايف کي اهو جواب به نه ڏنو آهي ته 5.3 ٽريلين رپين جي ڪرپشن ۾ ڳڙڪائي ويل رقم آخر وئي ڪٿي؟اتي ئي 43 ارب رپيا سياسي طور تي پسنديده ماڻهن کي رشوتن جي صورت ۾ ڏيڻ قومي دولت جي کليل بربادي آهي،هن چيو ته هي پئسو ته  صاف پيئڻ جي پاڻي،غريب ٻارن ۾ بک روڪڻ لاءِ صحت جي سهولتن جي فنڊنگ ۽ مفلس ٻارن لاءِ مفت تعليم لاءِ خرچ ٿي سگهي پيو،هي اشرافيه جي قبضي جو ڪلاسڪ مثال آهي،رياستي وسيلن جو استعمال “اشرافيه لاءِ، اشرافيه جي هٿان، ۽ اشرافيه جي فائدي لاءِ ٻئي پاسي صحافي نجم سيٺي چيو آهي ته اشرافيه رياست جي ادارن،ان جي معيشت ۽ رياست تي قبضو ڪري ورتو آهي ته عوام لاءِ ڪجهه به نٿو بچي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.