اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت وچ ۾ معيشت، اين ايف سي ،نون صوبن، اهم فوجي مقررين تي اختلاف؟

اسلام آباد(ابصار عالم) اسٽيبليشمنٽ ۽ حڪومت ۾ معيشيت، اين ايف سي ايوارڊ، نون صوبن، وائس چيف آف آرمي اسٽاف ۽ ڪمانڊر اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جي مقرريءَ بابت وڏا اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن۔ اسٽيبليشمنٽ جو موقف آهي ته سولين ناڪاره آهن، انهن جي ڪا ڪارڪردگي ناهي،جڏهن ته سويلين چون ٿا ته ڪارڪردگي جي ڇا ڳالهه ڪجي، اسٽيبليشمنٽ جون فرمائشون ئي ايتريون آهن جو اسان جي چيلهه ٽٽي پئي آهي،سول ۽ ملٽري لاڳاپن، حڪومت ۽ فوج جي هڪ پيج تي هجڻ يا نه هجڻ بابت بحث جي شروعات تڏهن شروع ٿي جڏهن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن سان ملاقات ڪئي، ۽ خطاب ۾  چيو ته ملڪ جي ترقي کي روڪيو ويو،عمران خان کي آڻيندڙ سڀني ڪردارن جو احتساب ڪريو، ماڻهن کي لڳي ٿو ته نواز شريف ۽ فوج جي وچ ۾ اختلاف آهن،ان کان پوءِ، اسلام آباد ۾ بريفنگ رومن ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير جي نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ۾ هڪ خطاب تي  بحث جاري شروع ٿي ويو،ان خطاب جو متن اڃا ٻاهر ناهي نڪتو،ان ورڪشاپ کي صدر آصف علي زرداري به ڪالهه خطاب ڪيو،اطلاع آهن ته فيلڊ مارشل ۽ صدر زرداري وچ ۾ ملاقات به ٿي آهي،جنهن ۾ کليل نموني سوال جواب ٿيا آهن،ٻنهي پاسن کان هڪ ٻئي جي باري ۾ بي تڪلفاڻي انداز ۾ ڳالهيون ڪيون ويون،اطلاع آهن ته گرماگرمي به ٿي آهي،هڪ ذريعي ٻڌايو ته شرڪت ڪندڙن کي فيلڊ مارشل خطاب ۾ چيو ته توهان ٻن ماڻهن جا غلام آهيو،ان مان مراد صدر زرداري ۽ نوازشريف آهن، اسٽيبلشمينٽ جو موقف آهي ته سول ماڻهو بهتر ڪارڪردگي نه پيا ڏيکارين، جڏهن ته سياستدانن جو موقف آهي ته اسٽيلشمينٽ کان تمام گهڻيون فرمائشون اچن ٿيون،ايتريون فرمائشون اچي رهيون آهن جو انهن کي پورو ڪندي ڪندي اسان جي چيلهه ٽٽي پئي آهي،اسان اها چيلهه سڌي ڪرڻ به قابل نه رهيا آهيون،سول پاسي کان چيو ويو ته جڏهن ايندڙ چونڊن ۾ عوام وٽ وينداسين ته ووٽ وٺڻ لاءِ اسان وٽ ڇا هوندو؟توهان پنهنجون فرمائشون ڪنٽرول ڪريو،سويلين کي سڀ کان پهرين معيشت تي اعتراض آهي،جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ موجب ڪابينا ۾ مقرر اسٽيبلشمينٽ جون مقرريون ميرٽ تي ناهن،ڪرپٽ ماڻهن کي لڳايو پيو وڃي،ڪابينا ۾ مقرر گهڻن ئي وزيرن جي ڪرپشن تي آڱريون کڄي رهيون آهن،جنهن تي سويلين(سياستدانن)به جواب ۾ چيو ته توهان وٽ به ڪرپشن آهي،فلاڻو فلاڻو عهديدار هي هي ڪرپشن ڪري رهيو آهي،حالانڪه اها حقيقت آهي ته ٻنهي پاسن ۾ صلاحيت نه رکندڙ ماڻهو مقرر آهن ۽ ڪرپشن به آهي،سويلين قيادت کي پنهنجي ڪارڪردگي ٺيڪ ڪرڻي پوندي،وزيراعظم شهبازشريف ته ڪم ڪري رهيو آهي پر هن جي ڪابينا جا اڪثر وزير صحيح ڪم نه پيا ڪن،جنهن جي ڪري بدنامي سمورن سياستدانن ۽ پارليامينٽ جي حصي ۾ اچي ٿي،اسلام آباد ۾ وزيرن جي مال ٺاهڻ جون ڪهاڻيون هر ڪنهن جي وات تي آهن،ٻيو مسئلو طرز حڪمراني جو آهي،سيڙپڪاري نه پئي اچي،معاشي صورتحال ٺيڪ ٿيڻ جو نالو نه پئي وٺي،ڪاموراشاهي جون نااهليون ختم نه پيون ٿين،ٽيون اين ايف سي ايوارڊ،چوٿون نوان صوبا،پنجون وائيس چيف آف آرمي جي مقرري ۽ ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ تي به سول ملٽري لاڳاپن ۾ ڏار نظر اچي رهيا آهن،فوج کي معيشت،اين ايف سي ايوارڊ،گورننس،نون صوبن جي باري ۾ سياستدانن کان شڪايتون آهن،پنجاب کانسواءِ ٻين صوبن کان خراب حڪمراني جي حوالي سان شڪايتون آهن،پنجاب جي باري ۾ به شڪايتون آهن پر ٻين صوبن بابت خدشا وڌيڪ آهن، ٻئي پاسي سويلين ڌر وائيس چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري چاهي ٿي پر اسٽيبيلشمينٽ اڃا تائين ان لاءِ راضي ناهي،ان عهدي تي ڪير مقرر ٿيندو؟ اهو به وڏو سوال آهي،ڇهون معاملو ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊر جي مقرري جو آهي ان عهدي تي هڪ فور اسٽار جنرل کي مقرر ٿيڻو آهي،اهو ڪير هوندو؟ڪڏهن مقرر ٿيندو؟ اهو معاملو اڃا هڪ مسئلو بڻيل آهي، جڏهن ته 27هين ترميم بابت اسٽيبلشمينٽ جو موقف آهي ته ان جو گهڻو فائدو ته پارليامينٽ کي ٿيو آهي، عدليه جي مقابلي ۾ ته پارليامينٽ مضبوط ٿي آهي،ان ڳالهه ۾ صداقت به آهي، ملڪي تاريخ ۾ پارليامينٽ کي سدائين ڪمزور ڪيو ويو ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته ان جي طاقت گهٽ ٿي آهي،انهن ۾فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت گهٽ ٿي آهي، اسٽيبلشمينٽ جو موقف آهي ته 27هين ترميم ۾ ئي اين ايف سي ايوارڊ ۽ نون صوبن جو معاملو حل ٿيڻ گهرجي ها جنهن کانپوءِ وفاق مالي طور مضبوط ٿئي ها،دفاع لاءِ وڌيڪ پئسا اچن ها،صوبا پئسا گهڻا کڻي رهيا آهن پر اها پرفارمنس ناهي، سموري تنقيد اسان تي ٿي رهي آهي، حالانڪه گورننس ٺيڪ ڪرڻ سول ملٽري ٻنهي ڌرين جي ذميواري آهي،حڪمراني ٺيڪ ٿي ته معيشت بهتر ٿيندي،بيروزگاري گهٽ ٿيندي، ٻنهي پاسن تي مقرر اهم عهدن تي قابليت جي ڪمي آهي،ايمانداري جي به کوٽ آهي،جڏهن ته عدليه کي به پنهنجي پاڻ کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو ۽ ماتحت عدليه ۾ سڌارا آڻڻا پوندا،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.