چيف آف ڊفينس مقرري وقت تي ٿيندي، افواهه نه پکيڙيا وڃن\خواجا آصف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بچاءُ واري وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته چيف آف ڊيفنس فورسز (سي ڊي ايف) جي تقرري سان لاڳاپيل نوٽيفڪيشن  مقرر وقت تي جاري ڪيو ويندو ۽ ان جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. سي ڊي ايف جي نوٽيفڪيشن بابت غير ضروري ۽ غير ذميواراڻيون قياس آرايون ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم جلد واپس اچي رهيا آهن، نوٽيفڪيشن مقرر وقت تي جاري ڪيو ويندو. خواجه آصف چيو آهي ته چيف آف ڊيفنس فورسز جو نوٽيفڪيشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي.پنهنجي بيان ۾ خواجه آصف چيو ته چيف آف ڊيفنس فورسز جي نوٽيفڪيشن بابت قياس آرايون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته چيف آف ڊيفنس فورسز جو نوٽيفڪيشن مناسب وقت تي جاري ڪيو ويندو، ۽ ان بابت وڌيڪ ڪنهن به قسم جي قياس آراين جي ڪا گنجائش ناهي. خواجه آصف وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جلد وطن واپس پهچڻ وارا آهن. سي ڊي ايف جو عهدو 27هين آئيني ترميم تحت قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي  جي ختم ٿيل عهدي جي جڳهه وٺندو. اهو عهدو 27 نومبر تي رسمي طور تي ختم ٿي چڪو هو ۽ هاڻي اهو آرمي چيف جي عهدي سان گڏ ڪيو ويو آهي، يعني اهو هڪ دوهرا عهدو بڻجي چڪو آهي. خواجه آصف جو بيان ان وقت آيو جڏهن 29 نومبر گزرڻ باوجود سي ڊي ايف جي باضابطه تقرري جو ڪو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو. انهن جي بيان مان اهو تاثر ملي ٿو ته نوٽيفڪيشن وزيراعظم شهباز شريف جي وطن واپسي کان پوءِ جاري ڪيو ويندو، جيڪي هن وقت لندن ۾ طبي معائنن لاءِ موجود آهن.ڪجهه قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو ته فيلڊ مارشل جي ملازمت جو مدو ختم سمجهي سگهيي ٿو. تنهن هوندي، 2024 ۾ پاڪستان آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ذريعي سروس چيفس جي مدت پنج سال ڪئي وئي هئي. ان ترميم ۾ هڪ  ڊيمينگ ڪلاز  شامل آهي جنهن مطابق ان ترميم کي هميشه لاءِ پاڪستان آرمي ايڪٽ جو حصو سمجهيو ويندو. ان مطابق، چيف آف آرمي اسٽاف جي مدت کي ٽي سال کان پنج سال ڪرڻ لاءِ الڳ نوٽيفڪيشن جي ضرورت ختم ٿي وئي آهي.ان ڪري ڪيترن سيڪيورٽي ذريعن ڊان نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته حڪومت کي فيلڊ مارشل کي سي ڊي ايف جو عهدو ڏيڻ لاءِ نئون عوامي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻو پوندو.نوٽيفڪيشن ۾ دير کي حڪومت جي اعليٰ حلقن ۾ جاري اختلافن جي علامت سمجهيو پيو وڃي. ذريعن مطابق هڪ اهم سوال اهو آهي ته آرمي چيف جي پنج ورهين جي مدي جي شروعات ڪهڙي تاريخ کان ڪيو ويندو: نومبر 2022 کان، جڏهن فيلڊ مارشل ڪم سنڀاليو يا نومبر 2025 کان، جيئن نئين قانون سازي کانپوءِ عام طور تي شڪ ڪيو پيو وڃي. هڪ ٻيو حساس مسئلو اهو آهي ته سي ڊي ايف کي پاڪستان فضائيه ۽ پاڪستان بحريه تي ڪيترو عملي ۽ ڪمانڊ اختيار حاصل هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.