نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست آسام جي اسيمبلي هڪ تڪراري قانون منظور ڪيو آهي، جنهن کي مسلم دشمني تي ٻڌل قرار ڏنو پيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، آسام ۾ نئين قانون جي منظوري کانپوءِ هڪ کان وڌيڪ شاديون (پوليگمي) ڪرڻ کي ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي.
قانون تحت، پهرين شادي ڪرڻ بعد ٻي شادي ڪرڻ تي ست سال قيد ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته پهرين زال کان اجازت نه وٺڻ جي صورت ۾ سزا ۾ اضافو به ٿيندو.
اهڙي طرح پهرين شادي لڪائي ٻي شادي ڪرڻ تي ڏهه سال قيد ٿي سگهي ٿو ۽ بار بار اهڙو ڏوهه ڪرڻ تي سزا ٻيڻي ٿي ويندي.
ٻي شادي ڪرڻ ۽ ڪرائيندڙن کي سرڪاري نوڪري يا مقامي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت به نه هوندي.
ٻي شادي ڪرائيندڙ يا ان ۾ مدد ڪندڙ، جهڙوڪ ڳوٺ جو چڱو مڙس، مذهبي پيشوا، والدين يا سرپرست کي به قيد ۽ هڪ لک کان ڏيڍ لک رپين تائين ڏنڊ لڳندو.
ان کانسواءِ بل ۾ غير قانوني شاديءَ جو شڪار عورتن کي معاوضو ۽ قانوني تحفظ ڏيڻ جي شق پڻ شامل ڪئي وئي آهي.
بل جي منظوري کانپوءِ رياستي وڏي وزير چيو آهي ته هي قانون اسلام مخالف نه آهي، پر پوري معاشري ۾ ازدواجي ذميواري ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ ضروري آهي.
Prev Post
You might also like