خوشخبري، پهرين ڊسمبر کان تيل اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوام لاءِ خوشخبري آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ پهرين ڊسمبر کان وڏي لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ اٽڪل 3.75 رپيا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 6.10 رپيا في ليٽر لاٿ متوقع آهي.
اهڙي ريت گاسليٽ جي قيمت ۾73 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي اگهه ۾ 6.35 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آئل انڊسٽري پنهنجو ڪم مڪمل ڪري اوگرا ڏانهن تجويزون موڪلي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ اوگرا انهن بنيادن تي قيمتن ۾ ڦيرڦار واري سمري تيار ڪري رهي آهي، جيڪا سڀاڻي ناڻي واري وزارت ڏانهن موڪلي ويندي.
ناڻي واري وزارت ايندڙ پندرهن ڏينهن لاءِ پهرين ڊسمبر کان لاڳو ٿيندڙ نون اگهن جو اعلان 30 نومبر تي ڪندي.
ذريعن موجب، نون اگهن جي اعلان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف سان پڻ مشاورت ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.