بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ” ٻُڙين“ جي لائين لڳائي ڇڏي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ هڪ اڻ وڻندڙ رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو .
خميس ڏينهن بابر اعظم راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي آخري گروپ ميچ ۾ سريلنڪا خلاف ميچ ۾ هڪ ڀيرو وري ٻُڙي تي آئوٽ ٿيو.
اهڙي ريت بابر اعظم مختصر فارميٽ م ڏهون ڀيرو کاتو کولڻ بنا پويلين موٽيو، ان کان اڳ بابر اعظم سيريز جي پهرين ميچ ۾ زمبابوي خلاف به ٻُڙي تي آئوٽ ٿيو هو.
ان سان گڏوگڏ بابر اعظم صائم ايوب ۽ عمر اڪمل سان گڏيل طور ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻُڙي تي آئوٽ ٿيندڙ بيٽرن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي.
پاڪستان لاءِ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻُڙي تي آئوٽ ٿيندڙ بيٽرن جي فهرست عمر اڪمل 84 ميچن ۾ 10، صائم ايوب 55 ميچن ۾ 10 ۽ بابر اعظم 135 ميچن ۾ 10 ڀيرا آئوٽ ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.