واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سندس انتظاما ٽين دنيا جي سمورن ملڪن مان هجرت کي مستقل طور تي روڪي ڇڏيندي.
آمريڪي صدر جو اِهو اعلان اربع ڏينهن وائيٽ هائوس جي ويجهو ٿيل حملي ۾ نيشنل گارڊ جي هڪ رڪن موت کانپوءِ سامهون آيو آهي.
صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هو ٽين دنيا جي سڀني ملڪن مان هجرت کي مستقل طور بند ڪري ڇڏيندو ته جيئن آمريڪا جو نظام مڪمل طور بحال ڪري سگهجي.
هن چيو ته بائيڊن دور ۾ ٿيل غير قانوني داخلائن جا لکين ڪيس ختم ڪيا ويندا ۽ هر اُن شخص کي ملڪ مان ڪڍيو ويندو جيڪو آمريڪا لاءِ اثاثو نه آهي.
صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هو غير شهرين لاءِ سمورا وفاقي فائدا ۽ سبسڊيون ختم ڪري ڇڏيندو ۽ اهڙن پناهگيرن جي قانوني شهريت به رد ڪئي ويندي جيڪي اندروني امن کي نقصان پهچائن ٿا.