حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ لال جروار، ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي ۽ ايڊووڪيٽ آصف کوسو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سرڪاري مشينري وسيلي نون صوبن جي مهم هلائي پئي وڃي، وفاقي سرڪار پيپلز پارٽي جي سھولتڪاري سان سنڌ جي وحدت تي وار ڪري رهي آهي، سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ، اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ، نئون بلدياتي نظام مڙهڻ ۽ ٻين ملڪ دشمن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 28هين ترميم آندي پئي وڃي. مخصوص ميڊيا جي ڪاروباري ميڊيا هائوسز وسيلي نون صوبن جي مهم کي زور وٺرايو پيو وڃي ۽ ان لاءِ خانگي يونيورسٽين کي استعمال ڪيو پيو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ارڙهين ترميم جي واپسي جي مخالفت ڪنداسين وارو پيپلز پارٽي جو بيان ڍونگ ۽ فراڊ آهي،