اسلام آباد(منزا صديقي)ڇا توهان ڪڏهن ٻڌو آهي ته وياج خور ڪڏهن قرض وٺندڙ تي رحم ڪيو؟ حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته آءِ ايم ايف کي پاڪستان تي رحم آيو آهي،آءِ ايم ايف پاڪستان تي ڪرپشن ۽ گورننس بابت 186 صفحن جي تفصيلي رپورٽ تيار ڪئي، جنهن کي اسان جي حڪومت گذريل ٽن مهينن کان دٻائي بيٺل هئي. پر جڏهن آءِ ايم ايف صاف چيو ته رپورٽ کي شايع ڪريو، نه ته ايندڙ قرض نه ملندو، ته حڪومت کي مڃڻو پيو،رپورٽ ۾ چيو ويو ته ملڪ جا سڀ وسيلا اشرافيا ڏانهن موڙيا پيا وڃن۔هر سال تقريباً 20 ارب ڊالرز (55 هزار ارب رپيا) جي ڪرپشن ٿئي ٿي۔آءِ ايم ايف تجويزون ڏنيون آهن ته ايندڙ 3 کان 6 مهينن ۾ سخت سڌارا ڪيا وڃن ته ايندڙ پنجن سالن ۾ ترقي 5 کان 6 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿي،ٽيڪس نظام اشرافيا جي فائدي لاءِ ٺهيل آهي، قانون ڄاڻي واڻي پيچيده رکيا ويا آهن ته چور آساني سان لڪجي سگهن۔ڪرپشن سان لاڳاپيل مني لانڊرنگ وڌي رهي آهي، خاص طور بينڪنگ، ريل اسٽيٽ، تعمير، پبلڪ پروڪيورمينٽ ۽ سياستدان هاءِ رسڪ شعبا آهن۔پاڪستان ۾ اندروني آڊٽ جو نظام ئي ناهي، آئيني ۽ پارليماني نگراني به تمام ڪمزور آهي۔وفاق ۾ 40 کرب رپيا ۽ صوبن ۾ ان کان به وڌيڪ عوامي فنڊز ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿين ٿا، ان جو ڪو صحيح حساب ڪتاب ناهي۔آءِ ايم ايف آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي آفيس کي مڪمل طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔يونائيٽيڊ نيشنز ڊولپمينٽ پروگرام (UNDP) مطابق، پاڪستان /ڏسو صفحو 7 ڪالم 3 ۾ مڊل ڪلاس 36 سيڪڙو تي آهي، غربت 45 سيڪڙو ۽ بيروزگاري 7 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي۔. اشرافيا ملڪ تي قابض آهي، ٽيڪس ڇُوٽ، مفت زمين، سبسڊي ۽ خاص مراعتون پاڻ لاءِ وٺي رهي آهي۔گورننس ٺيڪ ڪريو، شفافيت آڻيو، انصاف ڏيو، نه ته معيشيت ڪڏهن به مضبوط نه ٿيندي۔پر افسوس، آءِ ايم ايف ۽ گڏيل قومن جو ادارو ان ئي اشرافيا کان سڌارا آڻڻ لاءِ چئي رهيا آهن جيڪي سڄي نظام تي قابض ٿي پنهنجا کيسا ڀري رهيا آهن.