جيئي سنڌ محاذ پاران 22 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ مارچ جو اعلان

لاڙڪاڻو (بيورو(جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو اعلان ڪيو آهي ته سنڌ جي وحدت ۽ سنڌ جي خوشحالي لاءِ جيئي سنڌ محاذ طرفان 22 ڊسمبر تي تحفظ سنڌ جي عنوان سان حيدر آباد ۾ مارچ ڪيو ويندو، جنهن ۾ مختلف تنظيمن، صحافين، وڪيلن، استادن، هارين، پورهيتن، شاگردن، ڊاڪٽرن، شاعرن، اديبن سميت هر مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي دعوت ڏني ويندي، ڇاڪاڻ جو هي مارچ سنڌين جي حقن  توڙي خوشحال، ڏوهن، منشيات کان پاڪ ۽ تعليم يافته سنڌ لاءِ آهي، رياض علي چانڊيو تنظيم جي مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين عزيز الله ڀٽو، غفار ميرجت، پنهل جمالي، اياز سولنگي، ڪمال مهر، رمضان سولنگي ۽ ٻين سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ سنڌ جبر ۽ ظلم جو شڪار رهي آهي، سنڌ بدامني جي باھ سميت منشيات جي ور چڙهيل آهي، هن الزام هنيو ته اسيمبلين ۾ چور ۽ ڏوهاري قسم جا ماڻهو ويٺل آهن، جن کي عوام جو ووٽ نه پر بندوق جي زور تي ويهاريو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ تاريخي وحدت آهي، جنهن کي ڪوبه ٽوڙي نه ٿو سگهي، هن چيو ته 26 هين ۽ 27 هين آئيني ترميم سان عوام جو ڪوبه فائدو ناهي ٿيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.