اڳوڻي سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو خلاف جاچ تيز

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو (نيب) ڪراچي اڳوڻي صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو خلاف جاچ جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي. نيب کي صحت کاتي ۾ اربين رپين جي ماليت وارن ٺيڪن ۾ گهوٻين جون شڪايتون مليون آهن، جنهن بعد يونيورسل انٽرپرائيزز ڪمپني جي اختيارين کي جاچ هيٺ آندو ويو آهي. جاچ دوران ڪمپني جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عليم مرزا، مينيجر امپورٽس عبدالشڪور ۽ مئنيجر اڪائونٽس احمد عبدالخالق کي رڪارڊ پيش ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.  نيب تفصيل سان پڇي رهي آهي ته 200 ڊائلاسز مشينن، ڪارڊيڪ سرجري جي سامان ۽ ٻين شين جي خريداري ڪيئن ٿي، مشينون ڪهڙي هنڌ لڳايون ويون، ۽ هر هنڌ لڳل مشينن جو تعداد ڪيترو آهي؟ نيب  اختيارين چيو آهي ته شڪايتون مالي گهوٻين سان لاڳاپيل آهن ۽ ڪمپني جو مڪمل رڪارڊ جاچ لاءِ پيش ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.