جمهوريت، ميڊيا جي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني ۾ پاڪستان جي تنزلي

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)جماعت اسلامي جي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو آهي ته ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس مطابق، گذريل سال پاڪستان 152هين نمبر تي هو، جڏهن ته 2025ع ۾ پاڪستان 158هين نمبر تي اچي ويو آهي، گلوبل ڊيموڪريسي انڊيڪس ۾ پاڪستان مسلسل هيٺ اترندو پيو وڃي، ۽ 2025ع ۾ 165 ملڪن مان 124هين نمبر تي آهي۔ان انڊيڪس مطابق، پاڪستان جو حڪومتي نظام نيم جمهوري نه پر آمراڻو قرار ڏنو ويو آهي، هن چيو ته قانون جي حڪمراني ۾ گذريل سال پاڪستان 129هين نمبر تي هو، جڏهن ته 2025ع ۾ 130هين نمبر تي اچي ويو آهي،هن چيو ته آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ عدالتي نظام کي زوال پذير قرار ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته انصاف فراهم ڪندڙ ادارا ڪافي حد تائين ڪرپٽ آهن رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ گورننس تي ڪرپشن جا مستقل بادل آهن، جنهن سبب اقتصادي ترقي، سيڙپڪاري ۽ عوام جو اعتماد متاثر ٿي رهيو آهي،ٻئي پاسي سينئر صحافي حامد مير لکيو آهي ته توهان جيتريون به ضمني چونڊون کٽي وٺو، ۽ جيتريون به آئيني ترميمون منظور ڪرائي وٺو، پر جنهن آءِ ايم ايف توهان کي 7 ارب ڊالر جو قرض ڏئي پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچايو آهي، اها ئي توهان جي گورننس ۽ عدالتي نظام تي ڪرپشن جو الزام لڳائي رهي آهي۔هي الزام سڄي نظام خلاف چارج شيٽ جي حيثيت رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.