پيٽروليم شين تي ڪيتري ليوي لاڳو ڪئي وئي؟ تفصيل سينيٽ ۾ پيش

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم ڊويزن روڊ جي تعمير لاءِ لاڳو ليوي جا تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا.
پيٽروليم شين تي ترتيب وار 7 ۽ 8 رپيا واڌو ليوي روڊ جي تعمير لاءِ لاڳو ڪئي وئي، 16 اپريل کان لاڳو ليوي جي مد ۾ واهپيدارن کان 66 ارب 13 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويا آهن.
پيٽروليم ڊويزن موجب وفاقي حڪومت 16 اپريل تي پيٽروليم شين تي ليوي لاڳو ڪئي، پيٽرول تي 8 ۽ ڊيزل تي 7 رپيا في ليٽر ليوي لاڳو ڪئي وئي، 30 سيپٽمبر تائين واهپيدارن کان واڌو ليوي جي مد ۾ 66 ارب 13 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويا آهن.
پيٽروليم ڊويزن جو چوڻ آهي ته واڌو پيٽروليم ليوي جي مد ۾ لاڳو رقم اڃا تائين واهپيدارن کان وصول ڪئي پئي وڃي، فنڊن جو خرچ ۽ منصوبن جو اختيار پيٽروليم ڊويزن وٽ ناهي.
اختيارين چيو ته روڊ جي تعمير لاءِ لاڳو واڌو ليوي ذريعي 200 ارب رپيا گڏ ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.