شيخ حسينه واجد کي ڪرپشن ڪيس ۾ 21 سال ٽيپ

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي ڪرپشن ڪيس ۾ 21 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
بنگلاديشي اينٽي ڪرپشن ڪميشن شيخ حسينه واجد خلاف ڍاڪا ويجهو مهانگي زمين تي قبضي جا 3 ڪيس داخل ڪيا هئا.
پرڏيهي خبرن موجب، عدالت خميس ڏينهن شيخ حسينه واجد کي ڪرپشن جي الزام هيٺ 21 سال قيد جي سزا ٻڌائي، ان کان اڳ کيس انسانيت خلاف ڏوهن ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.
ان کانسواءِ عدالت شيخ حسينه واجد جي آمريڪا ۾ رهندڙ پٽ ۽ ڌيءَ کي به پنج، پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.
ياد رهي ته گذريل سال بنگلاديش ۾ پرتشدد مظاهرن کانپوءِ وزيراعظم حسينه واجد عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڀارت فرار ٿي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.