”ورهين جو ساٿ هو، هيکلي ٿي وئي آهيان“ ڌرميندر جي ديهانت کانپوءِ هيمامالني جي پهرين ٽوئيٽ وائرل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) باليووڊ ليجنڊري اداڪار ڌرميندر جي ديهانت کانپوءِ سندس گهرواري ۽ اداڪارا هيما مالني يادگار تصويرون ۽ پيغام شيئر ڪيا آهن.
اداڪارا سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ ڊگهو پيغام لکيو ۽ ان سان گڏ ڌرميندر سان گڏ نڪتل ڪجهه يادگار تصويرون پڻ شيئر ڪيون.
اداڪارا پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته ” ڌرم جي! منهنجي لاءِ گهڻو ڪجهه هو، هو هڪ پيار ڪندڙ مڙس، منهنجي ڌيئرن جو پيءُ، دوست، فلسفي، اڳواڻ، شاعر ۽ هر وقت مون لاءِ موجود رهندو هو.“
هن لکيو ته ”هڪ عوامي شخصيت طور سندس قابليت، مقبوليت باوجود منجهس نهٺائي هئي، جنهن کيس ٻين کان مختلف بڻايو، فلم انڊسٽريءَ ۾ سندس لازوال شهرت ۽ ڪاميابيون هميشه قائم رهنديون.“
هيما مالني وڌيڪ چيو ته”منهنجو ذاتي نقصان لفظن ۾ بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي ۽ جيڪا هيکلائي پيدا ٿي آهي، اِها سڄي عمر رهندي، ڪيئي ورهيه گڏ گهارڻ بعد مون وٽ کوڙ سارن خاص لمحن کي زنده رکڻ لاءِ اڻ ڳڻيون يادون آهن.“
واضح رهي ته ڌرميندر 89 ورهين جي ڄمار ۾ 24 نومبر تي ممبئي ۾ ديهانت ڪري ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.