” اسان ڏي اچو هر سهولت ڏينداسين“، وزيراعظم پاران بحرين جي سرمائيدارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت

منامه (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف بحرين جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته حڪومت هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي.
بحرين جي راڄڌاني منامه ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بحرين ۽ پاڪستان برادر ملڪ آهن، ٻنهي جي اسٽريٽجڪ ڀائيواري گذريل ڪيترن ئي سالن کان قائم آهي.
هن چيو ته بحرين جي دوري جو مقصد معاشي شعبن ۾ نيون اڳڀريون آڻڻ آهي، زرعي شعبي، آءِ ٽي، مصنوعي ڏاهپ، فِن ٽيڪ ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار ضروري آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بحرين ۾ رهندڙ پاڪستانين ثابت ڪيو آهي ته سڃاڻپ رڳو سرحدن ۾ نه دنيا جي هر ڪنڊ ۾ زنده آهي، بحرين مان پاڪستانين گذريل مالي سال دوران 484 ملين ڊالر موڪليا، بحرين جي اعليٰ قيادت طرفان پاڪستانين لاءِ محبت ۽ سهڪار تي دل سان ٿورائتو آهيان، پاڪستاني ڪميونٽي کي اپيل آهي ته هو بحرين لاءِ به بهترين سفير بڻجن.
شهباز شريف چيو ته بحرين مالي ترقي، انساني مرڪزيت ۽ جديد معيشت جو روشن مثال آهي، پاڪستان بحرين جي ترقي جي سفر مان سکڻ ۽ ڀرپور سهڪار جو خواهشمند آهي.
هن چيو ته پاڪستان وٽ افرادي قوت، وسيلا، اُڀرندڙ مارڪيٽ ۽ اهم اسٽريٽجڪ ماڳ موجود آهي، جڏهن ته بحرين وٽ مالي ساک ۽ عالمي تجربي جا وڏا ذريعا آهن، ٻئي ملڪن گڏجي وڏي ڪاميابي حاصل ڪري سگهن ٿا.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان معاشي سڌارن ۽ خانگي شعبي جي اڳواڻي ۾ نئين ترقياتي دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي، مان بحرين جي سيڙپڪارن کي پاڪستان اچڻ، ڀائيواري ڪرڻ ۽ گڏجي نوان، پائيدار ۽ بامقصد معاشي رستا کولڻ جي دعوت ڏيان ٿو. وزيراعظم چيو ته حڪومت سيڙپڪاري، گڏيل منصوبن ۽ ڪاروباري سهڪار لاءِ هر ممڪن سهولت مهيا ڪندي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان وٽ نوجوانن جي وڏي طاقت موجود آهي، 15 کان 30 ورهين جي عمر تائين 60 سيڪڙو آبادي موجود آهي جيڪا هڪ چئلينج به آهي ۽ وڏي نعمت به، نوجوانن کي آءِ ٽي، اي آءِ، فني تربيت ۽ جديد مهارتن سان ليس ڪيو پيو وڃي ۽ بحرين جي ڪاروباري ادارن سان گڏجي نوان دڳ کولي سگهجن ٿا.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ جي سي سي جو فري ٽريڊ معاهدو آخري مرحلن ۾ آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نين بلندين تي رسائيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.