اسٽيبلشمينٽ نون صوبن لاءِ سنجيده ناهي

ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)اڳوڻي ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته ملڪ ۾ چار وڏيون پارٽيون پ پ،مسلم ليگ ن،ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ آهن ۽ پنجين وڏي پارٽي فوج آهي،ڪورنگي ۾ ايپ سيپ جي اهتمام هيٺ تقريب ۾ هن ميان عامر محمود کي مخاطب ٿيندي چيو  ته چار وڏيون پارٽيون نوان صوبا ٺاهڻ ۾ دلچسپي نٿيون رکن،اسٽيبلشمينٽ به هر اليڪشن کان اڳ نون صوبن جو شوشو ڇڏيندي آهي،ڏکڻ پنجاب ۾ ته اميدوار نئين صوبي جي نعري جي بنياد تي ئي چونڊجي ايندا آهن،هن چيو ته مان به چوان ٿو ته نوان صوبا ٺهڻ گهرجن پر اهو ڪيئن يقين ڪريان ته اسٽيبلشمينٽ به نوان صوبا ٺاهڻ چاهي ٿي؟اسٽيبلشمينٽ موجوده سسٽم هلائڻ چاهي ٿي،نيشنل ڊفينس يونيورسٽي مان جيڪڏهن قرارداد پاس ٿئي ته ضمانت ڏيان ٿو نوان صوبا ٺهي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.