اسٽيبلشمينٽ جنرل(ر) باجوا جو احتساب ٿيڻ نه ڏيندي؟

اسلام آباد(منيب فاروق)ميان نوازشريف جي سوئي اڃا به اتي اٽڪيل آهي،هو جنرل فيض سان گڏ جنرل باجوا،جسٽس ثاقب نثار ۽ ٻين جو به احتساب چاهي ٿو،ججن جو احتساب ته ماضي جو قصو بڻجي ويو آهي پر جنرل باجوا کي به ڪير پڇاڻو نه ڪندو ڇو ته اڳوڻو آرمي چيف اسٽيبلشمينٽ جو حصو هو،هو ڇهه سال پاڪ فوج جو سربراهه رهيو ۽ گذريل سال يوم شهداد جي موقعي تي هو موجوده فيلڊ مارشل عاصم منير سان گڏ موجود هئو، فوج پيغام ڏئي ڇڏيو ته اسان پنهنجي اڳوڻي سربراهه جو احتساب ٿيڻ نه ڏينداسين،جنرل باجوا جي احتساب جي خواهش نوازشريف جي ڀاءُ شهبازشريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز جي به ناهي،ٻئي پاسي صحافي حماد حسن ٽوئيٽ ڪندي نوازشريف کي مخاطب ٿيندي لکيو ته  جنرل باجوا،جنرل ظهيرالاسلام پنڊي ۾ جسٽس ثاقب نثار،اعجازالاحسن ۽ مظاهر نقوي لاهور جڏهن ته جنرل آصف غفور اسلام آباد ۾ رهي رهيا آهن،انهن سڀني شهرن ۾ توهان جي ئي حڪومت آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 27 نومبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.