80 لک ماڻهو بيروزگار هئڻ شهباز حڪومت جي ناڪامي آهي:ڪاشف شيخ

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ملڪ ۾ 80 لک ماڻهن جي روزگار ختم ٿيڻ جي رپورٽ کي اقتصادي ترقي جي دعويٰ ڪندڙ شهباز شريف حڪومت جي ناڪامي قرار ڏيندي چيو آھي ته نااهل قيادت سبب تيل، گئس، ڪوئلي، سون، سمنڊ ۽ زراعت جي دولت سان مالا مال هجڻ جي باوجود عام ماڻهو ٻن وقت جي ماني لاءِ پريشان آهي ۽ عوام جي اڪثريت غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. خود غرض قيادت پنهنجي عيش عشرت واري طرز زندگي لاءِ قرض ورتا آهن، هن چيو ته  آءِ ايم ايف هڪ غريب ماڻهو جي بجلي جي بل ۾ رليف ۽ ڪڻڪ جي آبادگارن کي سبسڊي ڏيڻ تي اعتراض ڪيو، پر ڪابينا، پارليامينٽ جي ميمبرن، وزيرن جي وڏين پگهارن ۽ حڪمرانن جي شاهي خرچن تي پنهنجو وات نه کوليوهن ۾ کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيندڙ اٺ سالن جي ٻارڙي بختاور عمراڻي جي موت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر سميت سڄي سنڌ تباهي جو منظر ۽ شهرين جون زندگيون عذاب بڻجي ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.