نيب 5300 ارب رپين جي ڪرپشن جي جاچ ڪري:اسد قيصر

پشاور(عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر چيو آهي ته حڪومت جون معاشي پاليسيون مڪمل طور ناڪام ٿي چڪيون آهن.صوابي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن  چيو ته آءِ ايم ايف موجب گذريل ٽن سالن ۾ 5300 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي، نيب کي هن ڪرپشن جي آزاداڻي جاچ ڪرائڻي گهرجي.هن چيو ته بي روزگاري جي شرح 7.1 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، حڪومت جون معاشي پاليسيون مڪمل ناڪام ٿي ويون آهن.هن الزام هنيو ته هري پور جي ضمني چونڊ ۾ بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.