ٽي ملڪي سيريز: سريلنڪا زمبابوي کي شڪست ڏئي ڇڏي، فائنل ۾ پهچڻ جون اميدون برقرار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ٽي ملڪي سيريز جي پنجين ميچ ۾ سريلنڪا زمبابوي کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
راولپنڊي ۾ زمبابوي ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 146 رنسون ٺاهيون.
زمبابوي طرفان ڪپتان سڪندر رضا ۽ ريان برل 37-37، برائن بينيٽ 34 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا، سريلنڪا جي ٿيڪشانا ۽ هسارنگا 2-2، جڏهن ته ڪپتان شناڪا هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ سرينلڪن ٽيم گهربل هدف 16.2 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
پاٿم نسانڪا ناقابل شڪست 98 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 4 ڇڪا ۽ 11 چوڪا شامل هئا، جڏهن ته ڪوشل مينڊس 25 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، زمبابوي طرفان واحد وڪيٽ براڊ ايونس ورتي، جنهن 12 رنسون ٺاهيندڙ مشارا کي پويلين موٽايو.
واضح رهي ته ٽي ملڪي سيريز ۾ ميزبان پاڪستان جي ٽيم ٽئي ميچون کٽي فائنل ۾ پهچي چڪي آهي، جڏهن ته زمبابوي ۽ سريلنڪا هڪ – هڪ ميچ کٽي آهي.
سريلنڪن ٽيم 27 نومبر تي پاڪستان سان مهاڏو اٽڪائيندي ۽ فائنل ۾ پهچڻ لاءِ سريلنڪا کي اها ميچ لازمي کٽڻي پوندي، ٻي صورت ۾ بهتر رن ريٽ جي بنياد تي زمبابوي جي ٽيم فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.